ريپ جي جوابدارن کي سرعام ڦاهي جي سزا جو بل منظور

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي (پي پي پي)، پرڏيهي وزارت ۽ گهرو وزارت جي مخالفت باوجود سينيٽ ۾ زيادتي جي جوابدارن کي سرعام ڦاهي ڏيڻ جو بل ڪيترن ئي ترميمن سان اڪثريت جي بنياد تي منظور ڪيو ويو.

جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد پاران پيش ڪيل ترميمي بل ۾ پاڪستان پينل ڪوڊ (پي پي سي) جي سيڪشن 375، 375 اي ۽ 376 سميت ڪرمنل پروسيجر ڪوڊ جي شيڊول 2 ۾ ترميم ڪئي وئي آهي.

سينيٽر محسن عزيز جي صدارت هيٺ سينيٽ جي گهرو بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ زيادتي جي جوابدارن کي سرعام ڦاهي ڏيڻ جي سيڪشن ڊي کي ختم ڪرڻ تي غور ڪيو ويو.

ياد رهي ته سيپٽمبر 2020 ۾ لاهور سيالڪوٽ موٽر وي تي اجتماعي زيادتي واري واقعي کانپوءِ ريپ جي جوابدارن کي سرعام ڦاهي ڏيڻ جو مطالبو زور وٺي ويوهو.

پيپلز پارٽي جي سينيٽر شيري رحمان سرعام ڦاهي جي سخت مخالفت ڪندي عمر قيد جي سزا کي ترجيح ڏيڻ تي زور ڏنو.

شيري رحمان ان ڳالهه تي زور ڏنو ته مهذب معاشري ۾ ڦاهي کي سزا طور ختم ڪيو ويو آهي.

شيري رحمان جنرل ضياءُالحق جي آمريت دوران موت جي سزا جو حوالو ڏيندي تجويز ڪيل ترميمن جي اثرائتي ۽ اخلاقي اثرن تي به سوال اٿاريا.

هن چيو ته سرعام ڦاهي ڏيڻ سان ڏوهن ۾ گهٽتائي نه ايندي پر سماجي بربريت (ڏاڍ) ۾ اضافو ٿيندو.

سينيٽ ڪميٽي سينيٽر ممتاز زهري پاران پيش ڪيل ڪرمنل لاز (ترميمي) بل 2023 جي به منظوري ڏني، جنهن ۾ زيادتي جي متاثرن جي مناسب علاج ۽ سرڪاري ۽ خانگي اسپتالن جي طبي معائنن جي رپورٽن تي ڌيان ڏنو ويو آهي.

خانگي جيلن جي معاملي تي سينيٽ جي قائمه ڪميٽي ڪرمنل لاز (ترميمي) بل 2023ع جي منظوري ڏئي ڇڏي، جيڪو سينيٽرز مشتاق احمد ۽ ثمينه ممتاز زهري پاران پيش ڪيو ويو ته جيئن خانگي گهرن ۾ قيد کي روڪي سگهجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.