نواز شريف آيو ته قانون رستو وٺندو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) جو قائد نواز شريف جڏهن وطن واپس ايندو ته قانون پنهنجو رستو اختيار ڪندو، نگران حڪومت اڳوڻي وزيراعظم جي آمد جي حوالي سان رٿابندي لاءِ قانون واري وزارت سان رابطو ڪيو آهي.

هن مهيني جي شروعات ۾ مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف اعلان ڪيو هو ته سندس وڏو ڀاءُ 21 آڪٽوبر تي وطن واپس ايندو، نواز شريف کي العزيزيه ملز ۽ ايون فيلڊ ريفرنس 2018 ۾ سزا ٻڌائي وئي هئي.

جڏهن ته نومبر 2019 ۾ کيس طبي بنيادن تي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏني وئي، جنهن کانپوءِ هو واپس نه آيو ۽ ايندڙ سال 2020 ۾ ۾ کيس اشتهاري قرار ڏنو ويو.

10 آگسٽ تي مسلم ليگ (ن) جي صدر شهباز شريف کان نواز شريف جي وطن واپسي بابت سوال ڪيو ويو ته هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جو قائد وطن واپسي تي قانون کي منهن ڏيندو.

ساڳئي مهيني ۾ جڏهن لنڊن ۾ مسلم ليگ (ن) جي صدر کان ان بابت پڇيو ويو ته هن چيو ته نواز شريف پاڪستان اچي قانون کي منهن ڏيندو، ان ۾ ڪا به ٻٽي راءِ ناهي.

اڄ برطانوي نشرياتي اداري کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ نگران وزيراعظم چيو ته اسان قانون واري وزارت کان پڇيو آهي ته نوازشريف جي وطن واپسي تي انتظامي قدمن جي حوالي سان نگران حڪومت جي ڪهڙي حيثيت هئڻ گهرجي. سندس ڏيهه ايندي ئي مان هڪ اجلاس ڪندس.

انوار الحق ڪاڪڙ وڌيڪ چيو ته اڳوڻي وزيراعظم جي گرفتاري جو فيصلو عدالتون ڪنديون، عدليه مسلم ليگ ن جي اڳواڻ کي ڇوٽ ڏني جنهن بعد هو ملڪ ڇڏي ويو.

هن چيو ته سزا يافته شخص کي ملڪ ڇڏڻ جي اجازت ايگزيڪيوٽو نه پر عدالتن ڏني، هو عدالتي اجازت سان ملڪ کان ٻاهر ويو، سوال ايگزيڪيوٽو جو نه پر عدالتن جو آهي.

پي ٽي آءِ چيئرمين جي آزادي واري معاملي تي ڳالهائيندي نگران وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن عمران خان عدالتن مان رليف وٺڻ ۾ ڪامياب نه ٿيو ته کيس نتيجا ڀوڳڻا پوندا.

هن چيو ته منهنجو مطلب آهي ته عدالتي نظام ۾ توهان کي جيڪي به موقعا آهن، جيڪڏهن انهن موقعن کان پوءِ به انهن کي قانون تحت چونڊن کان روڪيو ويو ته پوءِ انهن کي ڪو رليف ڏيڻ اسان جي وس کان ٻاهر آهي، پوءِ قانون رستو وٺندو.

هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ سان سختي نه ڪئي ويندي پر رياست خلاف ڪاررواين ۾ ملوث ماڻهن سان قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.

هن وڌيڪ چيو ته هي اهي مخصوص ماڻهو آهن جن جو انگ 25 ڪروڙ جي آبادي ۾ 1500 يا 2000 آهي، انهن کي پي ٽي آءِ سان ڳنڍڻ درست تجزيو ناهي.

جڏهن کانئس اهو سوال پڇيو ويو ته جيڪڏهن ڪجهه سياسي اڳواڻن کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ نه ڏنو ويو ته ڇا ملڪ ۾ جاري سياسي بحران وڌندو، جنهن تي انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته اهو چوڻ جلد بازي آهي، اسان اندازو لڳائي نٿا سگهون ته نتيجو ڇا نڪرندو ڇو ته اهو اسان جي مينڊيٽ کان ٻاهر آهي.

هن چيو ته جيستائين منهنجي حڪومت جو تعلق آهي ته اسان جو مقصد بحران کي روڪڻ يا بحران پيدا ڪرڻ نه آهي، اسان جو ڪردار قانون موجب چونڊون ڪرائڻ آهي ۽ جيڪڏهن چونڊن جي نتيجي ۾ ڪو بحران پيدا ٿيو ته پوءِ اهو سموري معاشري ۽ رياست لاءِ سوال آهي، اهو نگران حڪومت لاءِ نه آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.