”عطاءُالله عيسيٰ خيلوي مداحن کان وڇڙي ويو“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني موسيقيءَ جو وڏو نالو عطاءُ الله عيسيٰ خيلوي پنهنجي لاڏاڻي بابت افواهن تي پيغام جاري ڪري ڇڏيو.

گذريل ڪجهه ڏينهن کان سوشل ميڊيا اڪائونٽس تان اها دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته مشهور ڳائڻو عطا الله عيسيٰ خيلوي هن دنيا ۾ ناهي رهيو. جنهن کانپوءِ سندس لکين مداحن سخت افسوس جو اظهار ڪيو.

پر تازو عيسيٰ خيلوي پنهنجي جسماني حالت بابت سوشل ميڊيا تي هڪ پيغام جاري ڪيو آهي.

هن جو چوڻ آهي ته مان اڃا جيئرو آهيان، هر سال منهنجي موت جون خبرون سوشل ميڊيا تي اينديون آهن، جيڪي بعد ۾ غلط ثابت ٿين ٿيون. موت جو هڪ ڏينهن مقرر آهي، جنهن وقت موت ايندو ان کي بدلائي نٿو سگهجي، اهو سڀ ڪجهه رب کي خبر آهي.

سندس پٽ سانول عيسيٰ به ان حوالي سان چيو ته منهنجو پيءُ بلڪل محفوظ آهي، سندس باري ۾ ڪوڙي خبر پکڙيل آهي، الحمدلله اسان لنڊن ۾ محفوظ آهيون.

واضح رهي ته عطاءُ الله عيسيٰ خيلوي جي پٽ سانول 3 ڏينهن اڳ سوشل ميڊيا تي پنهنجي والد سان تصوير شيئر ڪئي هئي. جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اهي صحتمند آهن.

هي پهريون ڀيرو ناهي ته ڪنهن مشهور ڳائڻي جي حوالي سان ڪوڙي خبر پکيڙي وئي هجي پر 2020 ۾ به اهڙيون خبرون گردش ڪندي نظر آيون هيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.