ڀارت جو چنڊ مشن چندريان ڪوڙو نڪتو!

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين جي چنڊ مشن جي باني سائنسدان ڀارت جي اها دعويٰ رد ڪئي آهي ته سندن خلائي جهاز گذريل مهيني چنڊ جي ڏکڻ قطب ويجهو لٿو هو.

چيني سائنسدان اويانگ زايوان هڪ انٽرويو ۾ ته خلائي مشن جي ڪاميابي بابت ڀارت جي دعويٰ حقيقت کان وڌيڪ آهي.

ڀارتي خلائي جهاز جي لهڻ جو مقام 69 ڊگري ڏکڻ هو جيڪو قطب جي ويجهو نه آهي.

اصل ۾ چنڊ جو قطب ڏکڻ 88.5 ۽ 90 ڊگري ڏکڻ وچ ۾ آهي.

چيني سائنسدان جي ان بيان تي ڀارتي خلائي ايجنسي طرفان هيل تائين ڪو تبصرو ناهي ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.