بينڪ جي لاڪر ۾ پيل لکين رپيا اڏوهي کائي وئي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ هڪ انوکو ۽ حيران ڪندڙ واقعو پيش آيو جنهن ۾ بينڪ جي لاڪر ۾ رکيل لکين رپيا اڏوهي کائي وئي.
ڀارتي ميڊيا موجب اهو واقعو اترپرديش جي رياست جي شهر مرادآباد ۾ پيش آيو جتي هڪ عورت الڪا پاٺڪ آڪٽوبر 2022ع ۾ پنهنجي ڌيءَ جي شادي لاءِ ڪجهه زيورن سان گڏ 18 لک رپيا هڪ بينڪ جي لاڪر ۾ رکرايا هئا.
ميڊيا رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو ته الڪا هڪ ننڍو ڪاروبار هلائيندي آهي ۽ گڏ ئي شاگردن کي ٽيوشن جا ڪلاسز به ڏيندي آهي جنهن پنهنجو الهه تلهه ڌيءَ جي شادي لاءِ رقم ۽ زيورن جي صورتن ۾ بينڪ جي لاڪر ۾ رکرايو هو.
الڪار کي ان واقعي جي خبر تڏهن پئي جڏهن هن کي بينڪ طرفان سالياني لاڪر مينٽيننس ۽ ٻي ضروري تصديق جي حوالي سان ڪال آئي جنهن تي بينڪ وڃي لاڪر ڏسڻ تي عورت حيران ٿي وئي.
عورت ڏٺو ته هن جي گھڻن نوٽن تي اڏوهي حملو ڪيو آهي ۽ گھڻن نوٽن کي ته اڏوهي کائي ڇڏيو آهي جنهن تي عورت فوري طور تي بينڪ جي انتظاميا کي لاڪر جي صورتحال بابت آگاهه ڪيو لاڪر ۾ اڏوهي جي هجڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ڪارروائي ڪرڻ جو چيو.
واقعي تي بينڪ انتظاميا ڪارروائي ڪندي نقصان جي حد جو اندازو لڳائڻ لاءِ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.