غلطي سان ٽيڪسي ڊرائيور جي اڪائونٽ ۾ 9 هزار ڪروڙ منتقل

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ پنهنجي نوعيت جو انوکو واقعو پيش آيو آهي جتي بينڪ انتظاميا شهري جي اڪائونٽ ۾ لکين رپيا نه پر 9 هزار ڪروڙ رپين جي ڳري رقم غلطي سان منتقل ڪري ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب چنئي ۾ هڪ نجي بينڪ جي انتظاميا طرفان ٽيڪسي ڊرائيور جي اڪائونٽ ۾ غلطي سان 9 هزار ڪروڙ رپيا منقتل ڪري ڇڏيا.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آيه ته راج ڪمار نالي ٽيڪسي ڊرائيور بينڪ اڪائونٽ ۾ غير معمولي ٽرانزيڪشن ٿيڻ تي پهريان سوچيو ته اهو ڪنهن قسم جو نئون فراڊ آهي پر پوءِ هن تصديق ڪرڻ لاءِ انهيءَ رقم مان 21 هزار رپيا پنهنجي دوست جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪيا جيڪا سولائي سان ٽرانسفر ٿي ويا، اهو ڏسي هو حيران ۽ پريشان به ٿي ويو.
پر اڌ ڪلاڪ جي اندر ئي بينڪ انتظاميا کي پنهنجي غلطي جو احساس ٿي ته انهن شهري جي اڪائونٽ ۾ غلطي سان موڪليل رقم پاڻ وٽ منتقل ڪري ڇڏي.
ڀارتي ميڊيا جي رپورٽس موجب ان غلطي کان پوءِ بينڪ جي سي اِي او هڪ هفتي کان پوءِ استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
سي اِي او طرفان استعفيٰ ڏيڻ جا ذاتي سبب ٻڌايا ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.