سڪرنڊ واقعو: ڪيس داخل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڪرنڊ ۾ رينجرز ۽ پوليس جي گڏيل ڪارروائي ۾ 4 ڄڻن جي مارجڻ خلاف گذريل رات کان سکر باءِ پاس تي جاري ڌرڻو ختم ڪيو ويو.

ايس ايس پي حيدر رضا موجب پوليس ۽ رينجرز گهربل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڳوٺ تي چڙهائي ڪئي هئي، پوليس ۽ رينجرز جيئن ئي پهتي ته سرچ آپريشن ڪيو ويو ۽ ڳوٺاڻن مزاحمت ڪري پوليس ۽ رينجرز تي پٿراءُ ڪيو.

مزاحمت تي پوليس اهلڪار ڳوٺ مان نڪري آيا، پر رينجرز اهلڪارن کي ڳوٺاڻن تشدد جو نشانو بڻايو جنهن ۾ 5 رينجرز اهلڪار زخمي ٿيا.

ايس ايس پي موجب پوليس ۽ رينجرز پنهنجي بچاءَ ۾ فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺ جا 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ 4 زخمي ٿي پيا.

احتجاج ڪندڙن گذريل رات سڪرنڊ باءِ پاس تي لاش رکي ڌرڻو هنيو، جيڪو 20 ڪلاڪن کان وڌيڪ تائين جاري رهيو.

ڌرڻي سبب قومي شاهراهه تي گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون.

مظاهرين جي مطالبي تي 4 ڄڻن جي مارجڻ ٿيڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو، ڪيس داخل ٿيڻ بعد سکر باءِ پاس تي ڌرڻو ختم ڪري قومي شاهراهه تي ٽريفڪ بحال ڪئي وئي.

بعد ۾ مقتولن جي جنازي نماز ڳوٺ مري جلباڻي ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ سياسي ۽ سماجي اڳواڻن سميت شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.

ٻئي طرف نگران وڏي وزير مقبول باقر واقعي جي جاچ لاءِ انڪوائري ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي ۽ 3 رڪني ڪميٽي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.