عيد ميلادالنبي صه جي موقعي شاهه رخ خان جو پيغام

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان عيد ميلاد النبي صه جي موقعي تي خصوصي پيغام جاري ڪيو آهي.
جشن عيد ميلاد النبي صه جي موقعي تي شاهه رخ خان سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس (ٽوئيٽر) تي پيغام جاري ڪندي چيو آهي ته اچو ته هن ڏينهن مهرباني، همدردي ۽ پرهيزگاري جهڙين خوبين جو جشن ملهايون.
شاهه رخ خان پنهنجي پيغام ۾ وڌيڪ لکيو ته مون طرفان سڀني کي عيد ميلاد النبي صه مبارڪ هجي. هن ڏينهن هر هڪ شخص کي جنهن سان ملندا آهيو، ڀاڪر پايو، عيد مبارڪ.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.