پي آءِ اي جهازن ۾ سفر ڪرڻ وارا خبردار، وڏين خرابيون نڪري آيون

ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) قومي ايئر لائن پي آءِ اي جي بوئنگ 777 جهازن ۾ فني خرابين ۾ لاڳيتو واڌ ٿي رهي آهي، جنهن سبب مسافر سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن.

ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته پي آءِ اي جي انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ طرفان جهازن جي سار سنڀال ۽ مرمت جو ڪم صحيح نموني نه ڪيو پيو وڃي.

ذريعن موجب سعودي عرب لاءِ اڏامون مسلسل متاثر ٿي رهيون آهن، پي آءِ اي کي هڪ جهاز تي ڪروڙين ڊالر جو خرچ برداشت ڪرڻو پيو.

سعودي عرب لاءِ هلندڙ ٻه بوئنگ 777 جهاز مسلسل فني خرابي جو شڪار آهن، جده کان لاهور ايندڙ پي آءِ اي جي اڏام پي ڪي 760 جي اي پي يو ۾ فني خرابي پيدا ٿي وئي.

جهاز بورڊنگ برج کان پوئتي ڌڪيو پئي ويو ته مددگار پاور يونٽ (APU) گرم ٿي ويو، ڪپتان ايمرجنسي بريڪ لڳائي ۽ فائر بوتل جو استعمال ڪيو.

پي آءِ اي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ان موقعي تي مسافرن کي لائونج ۾ منتقل ڪيو ويو جنهن بعد جهاز کي گرائونڊ ڪيو ويو آهي.

پي آءِ اي انتظاميا موجب اڏام 24 ڪلاڪن کان وڌيڪ دير جو شڪار ٿي، مسافرن کي هوٽل منتقل ڪيو ويو آهي.

گذريل 24 ڪلاڪن دوران پي آءِ اي جو هي ٻيو بوئنگ 777 جهاز آهي، سيالڪوٽ کان جده ويندڙ جهاز جي ڪاڪ پٽ ۾ اسموگ وارننگ بار بار آئي هئي.

پي آءِ اي جي ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته مسافرن کي سعودي عرب جي وقت موجب جده کان لاهور روانو ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.