اسٽوريز هاڻي هر سوشل ميڊيا ۽ ميسيجنگ ايپ جو هڪ لازمي جُز آهي، جنهن سان واهپيدار پنهنجي روزمرهه جي مختلف لمحا ٻين ماڻهن سان شيئر ڪندا آهن.
اهي اسٽوريز 24 ڪلاڪ کانپوءِ پاڻمرادي طور تي غائب ٿي وينديون آهن.
واٽس ايپ ۾ اسٽوريز کي اسٽيٽس جي نالي سان شامل ڪيو ويو آهي.
جيڪڏهن اوهان واٽس ايپ اسٽيٽس استعمال ڪندا آهيو ته سٺي خبر اها آهي ته ڪمپني طرفان هاڻي ان کي بهتر بڻايو پيو وڃي.
رپورٽ موجب ميٽا جي ملڪيت هيٺ ميسيجنگ ايپ طرفان اسٽيٽس فيچر ۾ ڪيتريون ئي تبديليون ڪيون پيون وڃن.
اهي نيون تبديليون واٽس ايپ جي بيٽا (beta) ورجن ۾ نظر اينديون آهن.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته واٽس ايپ طرفان اسٽيٽس جي وقت کي وڌايو پيو وڃي.
هن وقت اسٽيٽس 24 ڪلاڪن ۾ پاڻمرادي طور تي غائب ٿي ويندو آهي پر نئين تبديلي کان پوءِ واهپيدارن وٽ 4 آپشنز هوندا.
24 ڪلاڪ، ٽي ڏينهن، هڪ هفتو ۽ ٻن هفتن جي آپشنز مان واهپيدار پنهنجي مرضي جو وقت چونڊي سگھندا.
پر اهي ان وقت کي پنهنجي مرضي موجب ڪنهن به وقت تبديل ڪري سگھندا.
واضح رهي ته فيبروري 2023ع ۾ ڪمپني طرفان وائيس اسٽيٽس کي به ايپ جو حصو بڻايو ويو هو.
اهڙيءَ طرح پرائيويٽ آڊينس سليڪٽر به ان سان گڏ پيش ڪيو ويو هو ته جيئن جيڪڏهن ڪو واهپيدار پنهنجي اسٽيٽس کي مخصوص ماڻهن تائين محدود ڪرڻ چاهي ته ان لاءِ ائين ڪرڻ ممڪن هجي.
Next Post
You might also like