سنڌ جي ڊيموگرافي سان هٿ چراند بند ڪئي وڃي: عوامي جمهوري پارٽي

گلشن اقبال (رپورٽر) عوامي جمهوري پارتي جي مرڪزي اڳواڻ غلام قمبر حاجاڻو تڪراري ڊجيٽل آدمشماري تحت سنڌ جي سامونڊي پٽي  ۽ ڪوهستان کي پنهنجي ضلعن مان ٽوڙي ڪراچي جي ضلعن ۾ شامل ڪرڻ واري عمل جي مذمت ڪندي چيو آهي ته سنڌ جي ڊيموگرافي سان هٿ چراند ملڪي سالميت لاءِ هاڃيڪار آهي، ڊجيٽل آدمشماري سنڌ کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش هئي جيڪا خدشا سچ ثابت ٿيا آهن سنڌ جي مختلف ضلعن جون قومي ۽ صوبائي سيٽون گهٽائي سنڌين خلاف سازش جي شروعات ڪئي وئي آهي جيڪا ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي زمينن، ماڳ مڪانن، وسيلن، ثقافت ۽ ٻولي جي بچاء لاءِ سڀني کي گڏجي جدوجهد ڪرئي پوندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.