ڪيفي ثقافت ۽ لوڪ اسٽوڊيو جي ڀڃ ڊاهه جي مذمت ڪجي ٿي: جنيد شاهه

ڪراچي (پ ر) ثقافت، رانديون، محنت ۽ انساني وسيلن بابت نگران صوبائي وزير سيد جنيد علي شاهه ڪراچي ۾ قائم ڪيفي ثقافت ۽ لوڪ  اسٽوڊيو کي ختم ڪرڻ جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي، ڊاڪٽر سيد جنيد علي شاهه اسٽوڊيوز ۾ ڀڃ ڊاهه سان ثقافتي سرگرمين کي آن لائين پليٽ فارم تي جاري ڪرڻ جو سلسلو متاثر ٿيو آهي، ڊاڪٽر سيد جنيد علي شاهه چيو ته سياحت کاتي کي ان ضمن ۾ ڪنهن به قسم جي ڪارروائي کان پهريان ثقافت کاتي کي اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي ها، ادارا يا عمارتون هڪ رات ۾ ناهن ٺهندا، ان جي پٺيان هڪ مقصد ۽ منزل طئي ٿيندي آهي، ڪيفي ثقافت ۽ لوڪ اسٽوڊيو جي ڀڃ ڊاهه تي عوامي سطح تي ايندڙ رد عمل جائز آهي، جنهن جو ازالو ٿيڻ به تمام ضروري آهي، ڪيفي ثقافت جي مدد سان موسيقي، سماجي ۽ ادبي شخصيتن جا انٽرويوز نشر ڪري ماڻهن کي تفريح جا موقعا فراهم ڪيا ويا، هن جو چوڻ آهي ته اسٽوڊيوز جي ڀڃ ڊاهه ڪندڙ ئي ان معاملي تي وضاحت ڏيڻ جا پابند آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.