ڪراچي (رپورٽ: مهدي بلوچ) مهانگائي خلاف مزدورن جي حقن واري تنظيمن ڊگهي احتجاج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. پهرين آڪٽوبر کان 9 آڪٽوبر تائين ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا، جڏهن ته 15 آڪٽوبر تي مهانگائي خلاف ريگل چونڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي ويندي، فيڪٽريون ۽ ڪارخانا پيسا ٺاهڻ جون مشينون بڻجي ويا آهن، ملڪ ۾ ساڍا 9 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ فاڪا ڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، ملڪ جي اشرافيه جنهن ۾ جاگيردار، سرمائيدار، سول ۽ ملٽري بيوروڪريسي سميت تاجر به شامل آهن اهي مذهبي تنظيمن جي آڙ ۾ عوام کي مسلسل ڌوڪو ڏئي رهيا آهن، اهڙيون ڳالهيون نيشنل ٽريڊ يونين فيڊريشن جي اڳواڻ رفيق بلوچ ۽ ناصر منصور، شهري عوامي محاذ جي اڳواڻ ڪامريڊ گل رحمان، سائيٽ ليبر فورم جي اڳواڻ رياض عباسي، آلٽرنيٽ تنظيم جي اڳواڻ عاقب حسين، ٽيڪسٽائل گارمينٽس جنرل ورڪر يونين جي اڳواڻ همٿ علي ڦلپوٽو ۽ هوم بيسڊ وومن ورڪر فيڊريشن پاڪستان جي اڳواڻ زهرا خان ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيون هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته اڄ صورتحال اها آهي ته موجوده معاشي بحران ۾ مالدار طبقو پنهنجو پاڻ کي قربان ڪرڻ بدران عوام تي قربانيون مسلط ڪري رهيو آهي. جڏهن ته لکين مزدور وياج ۽ مهانگائي سبب بک مرڻ ۽ خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهن. بجلي، گيس، پيٽرول ۽ ٽرانسپورٽ جي قيمتن ۾ ناقابل برداشت اضافو عام ماڻهوءَ جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.