شڪارپور واقعي جي مذمت، جوابدار کي سخت سزا ڏني وڃي: جماعت اسلامي

ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ شڪارپور اسپتال ۾ پيرسن امڙ سان ايندڙ نياڻي سان مبينا طور زيادتي واري واقعي جي شديد مذمت  ڪندي جوابدار کي سخت سزا ڏيارڻ جي گهر ڪئي آهي، جماعت اسلامي سنڌ جي ترجمان مجاهد چنا متاثر خاندان سان همدردي جو اظهار ۽ شڪارپور واقعي سميت سنڌ ۾ معصوم نياڻين ۽ عورتن خلاف وڌندڙ زيادتي ۽ قتل وارن واقعن تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي زور ڏنو آهي ته اهڙي درندگي وارن واقعن ۾ ملوث ڏوهارين کي سخت سزائون ڏئي ٻين لاءِ عبرت جي مثال قائم ڪرڻ گهرجي ته جيئن اڳتي ڪوبه شخص ڪنهن نياڻي خلاف ڏوهه ڪرڻ جو سوچي به نه سگهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.