نيون تڪ بنديون سنڌ دشمن آهن، ڌارين کي نيڪالي ڏيو: لال جروار

حيدرآباد (پ-ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، ڊاڪٽر رسول بخش  خاصخيلي پنھنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته وقت کان اڳ بوگس فراڊي فرمائشي ۽ غير قانوني ڊجيٽل آدمشماري ڪرائي سنڌ دشمن ڪوڙا نتيجا ڪڍي انگن ۽ اکرن جي ھيرا ڦيري ڪري سنڌي قوم جي وجود  مٿان وار ۽ سنڌ کان ڪراچي کي الڳ ڪري نئون اسرائيل ٺاهڻ واري ملڪ دشمن ۽ سنڌ دشمن سازش ڪئي وئي آھي، عوامي تحريڪ جي اڳواڻن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته اڳوڻي پيپلزپارٽي جي صوبائي حڪومت جي  وڏي وزير مراد علي شاھ سنڌ دشمن فراڊي ڊجيٽل آدمشماري جا سي سي آءِ جي اجلاس ۾ نتيجا قبول ڪري سنڌي قوم سان تاريخي ويساھ گھاتي، دوکو ۽ سنڌ سان غداري ڪئي آھي، پيپلز پارٽي جي ان ناقابل تلافي قومي ڏوھ کي سنڌ جو عوام ھزگز معاف نه ڪندو. نئين آدمشماري تي ٿيندڙ تڪبندين ۾ سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن جون سيٽون گھٽايون ويون آهن. عالمي دھشتگرد ۽ سنڌ دشمن ٽولي ايم ڪيو ايم جي علائقن جي هٿرادو آبادي وڌائڻ لاءِ ڪراچي ۾ بار بار آدمشماري جا ڏينھن وڌايا ويا، سانگهڙ، خيرپور ۽ ٺٽي جي سيٽن ۾ گهٽتائي ايم ڪيو ايم جي سالن پراڻي نئين صوبي جي سنڌ دشمن مطالبي ۾ ساھ ڦوڪيو آهي، سنڌ جو عوام ان بوگس ۽ فراڊي ڊجيٽل آدمشماري کي رد ڪري چڪو آهي. نيون تڪبنديون سنڌ دشمن آهن. سنڌ ۾ افغانين سميت سمورن ڌارين کي نيڪالي ڏني وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.