ٺٽو(ڊ ر) اليڪشن ڪميشن پاران نين تڪبندين ۾ ٺٽي ضلعي جي هڪ صوبائي تڪ ميرپور ساڪرو کي ختم ڪرڻ واري فيصلي کي پيپلز پارٽي ضلعي ٺٽي جي ضلعي قيادت پاران اليڪشن ڪميشن وٽ پٽيشن جي صورت ۾ چئلينج ڪرڻ لاءِ تياريون مڪمل ڪري ورتيون آھن، ميرپور ساڪرو جي صوبائي تڪ کي ختم ڪري اُن جي هڪ حصي کي ٺٽو ۽ ٻئي حصي کي گهوڙاٻاري ۾ شامل ڪيو ويو آھي. پ پ ٺٽي جي ضلعي جي صدر صادق علي ميمڻ، اڳوڻي ايم پي اي علي حسن زرداري، ضلعي ڪائونسل ٺٽي جي چيئرمين عبدالحميد پنهور، جنرل سيڪريٽري امتياز قريشي ۽ ٻين اڳواڻن جي ٿيل مشاورتي اجلاس بعد نئين تڪ بندي کي چئلينج ڪرڻ لاءِ گهربل نقشن جي مدد سان قانوني ماهرن معرفت اليڪشن ڪميشن ۾ پٽيشن داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي.