ن ليگ جنرلن ۽ ججن جي احتساب نعري کان وري پٺتي هٽڻ لڳي

اسلام آباد(م ڊ) بي بي سي موجب اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ (ن) جي قائد ميان نواز شريف جي آڪٽوبر ۾ متوقع واپسي کان اڳ نوان سوال ۽ تڪرار جنم وٺي رهيا آهن، جن مان اڪثريت خود مسلم ليگ ن  جي بيانن سبب پيدا ٿي رهي آهي.هڪ طرف جتي نوازشريف جي وطن واپسي کانپوءِ باقي رهيل سزا بابت سوال اٿاريا ويا آهن، اتي هڪ تڪرار اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا، آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد، اڳوڻي چيف جسٽس  ثاقب نثار، آصف سعيد کوسي، سپريم ڪورٽ جي موجوده جج جسٽس اعجاز الاحسن خلاف ڪارروائي جو اشارو ڏيڻ کڙو ٿيو آهي ،ليگي اڳواڻ جاويد لطيف چيو ته ” جنرل باجوه به جنرل فيض جيترو ڏوهي آهي.2017 جي ڪردارن جو ڀلي احتساب نه ڪريو پر  9 ۽ 10 مئي جي ڪردارن، سهولتڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي جاويد لطيف جي بيان کانپوءِ اهو تاثر مضبوط ٿي ويو ته نواز شريف پاران اڳوڻن فوجي آفيسرن ۽ ججن خلاف ڪارروائي جي بيان کان پارٽي پٺتي هٽي رهي آهي.نوازشريف جي بيان جي وضاحت ڪندي جاويد لطيف چيو ته اسان اهو چئي رهيا آهيون ته عوام جي حمايت سان جيڪڏهن اسان کي موقعو مليو ته اسان ڪوشش ڪنداسين ته ان اداري جي خود احتسابي واري ميڪنزم کي ايترو اثرائتو بڻايو وڃي ته ڪو ڪيترو به طاقتور ڇو نه هجي، احتساب کان نه بچي سگهي، پر بيانئي جو سوال ن ليگ ۽ نوازشريف جو پيڇو شايد نه ڇڏيندو، اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي ايڪسٽينشن جو معاملو هجي يا اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي حڪومت جو خاتمو، ن ليگ ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ لاڳاپن جو معاملو بحث هيٺ ايندو رهندو صحافي ۽ تجزيه نگار عاصمه شيرازي بي بي سي کي ٻڌايو ته اهو منهنجي ويجهو هڪ بيانئو بڻائڻ کان وڌيڪ ’واٽر چيڪ‘ هو، شهباز شريف نوازشريف کي پيغام پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي.ماجد نظامي جو چوڻ آهي ته ”شايد شهباز شريف ذريعي لنڊن مان اهو جوابي پيغام موڪليو ويو آهي ته احتساب ۽ قومي ڏوهارين بابت سوچيو وڃي، پر اڃا تائين اظهار جي اجازت ناهي ڏني وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.