ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري ڪنڌڪوٽ ۾ گهر اندر راڪيٽ جو گولو ڦاٽڻ واري واقعي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو. اربع ڏينهن جاري اعلان مطابق هن آءِ جي سنڌ پوليس ۽ ڪمشنر لاڙڪاڻو کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. گورنر واقعي ۾ فوتين جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ زخمين کي بهترين طبي سهولتن جي فراهمي جي هدايت به ڪئي.
عدالتي وقت ضايع ڪرڻ تي وڪيل تي هڪ لک رپيا ڏنڊ
اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ ملڪيت جي ڪيس ۾ عدالتي وقت ضايع ڪرڻ تي وڪيل تي هڪ لک رپيا ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ ملڪيت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. سپريم ڪورٽ عدالتي وقت ضايع ڪرڻ تي وڪيل غلام فريد کي هڪ لک رپيا ڏنڊ ڀرڻ جو حڪم ڏنو. عدالت عظميٰ چيو ته بي بنياد ۽ فضول ڪيس بازي جو اڳ به مظاهرو ڪيو ويو، عدالت عام طور تي لچڪ جو مظاهرو ڪندي آهي. سپريم ڪورٽ چيو ته درخواستگذار ماضي ۾ به بي بنياد ڪيس بازي ڪئي، جنهن تي مٿس ڏنڊ لڳو. عدالت عظميٰ حڪم ڏنو ته ڏنڊ جي رقم ڌرين کي ادا ڪئي وڃي، ڏنڊ جي رقم ادا نه ڪرڻ تي سول ڪورٽ جو فورم موجود آهي. واضح رهي ته هاءِ ڪورٽ به بي بنياد ڪيس بازي تي درخواست گذار تي ٻه لک رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو هو.