وارھ (ن ع آ) جنسي زيادتي جو شڪار بڻجڻ بعد زندگي جي جنگ هارائيندڙ وارهه جي نياڻي نازيه چنو جي قتل ڪيس ۾ ڪابه اڳڀرائي نه ٿي سگهي، لڄالٽ ڪيس ۾ پوليس ڪي به قدم نه کنيا، پوليس ننڊ مان اٿي نه سگهي، جاچ آفيسر جي بدلي بعد نئون جاچ آفيسر مقرر نه ٿي سگھيو، ناري نازيه چنو جي موت کي چار ڏينهن گذري ويا، وارثن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي، مقرر ڪيل نئون جاچ آفيسر ڊي ايس پي شهداد يارمحمد رند جي ٻه اڳ پڻ بدلي ٿي چڪي آھي جنهن سبب نه ئي رھيل جوابدار گرفتار ٿيا ۽ نه ئي جي آءِ ٽي جڙي سگهي، لڄالٽ جي ايف آءِ آر ۾ قلم 302به ھن وقت تائين شامل نه لڳايو ويو جنهن سبب نازيه چنو ڪيس رولڙي جو شڪار ٿي ويو، وارثن ۽ سڄاڻ ڌرين پاران ڳڻتي ظاھر ڪندي چيو ته ماضي جي دفن ٿيل ڪيترن ئي واقعن جيان ھي ڪيس به التوا جو شڪارتي دفن ٿي نه وڃي، نازيه چنو جي خون سان انصاف لاءِ جوڊيشل انڪوائري ڪري ملوث جوابدارن کي عبرت جو مثال بڻايو وڃي.