سنڌ ۾ اجتماعي زيادتي واقعن تي ضابطو نه آيو، عدالت طرفان ڪاوڙ

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ ۾ اجتماعي زيادتي واقعن تي ضابطو نه اچي سگهيو، ادارا جواب جمع ڪرائڻ ۾ ناڪام، عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي  وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کان جواب گهري ورتو، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌ ۾ ڇوڪرين سان اجتماعي زيادتين جي واقعن وارن معاملن تي اينٽي ريپ ٽرائل اينڊ انويسٽيگيشن ايڪٽ 2021 تي عملدرآمد لاءِ درخواست جي ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزارت، وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري ۽ سنڌ جي گهرو کاتي اڃا تائين جواب جمع نه ڪرايو آهي، متاثرين جي بحالي ۽ شاهدن جي تحفظ لاءِ اڃا تائين ڪميٽيون به ٺهي نه سگهيون آهن، جڏهن ته 200 کان وڌيڪ متاثر عورتن جي لسٽ جمع ڪرائي وئي آهي، خراب جاچ عمل جي ڪري ريپ ڪيسن ۾ سزا جي شرح 10 کان 12 سيڪڙو آھي،  عدالت جواب جمع نه ڪرائڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کان 25 آڪٽوبر تائين جواب طلب ڪري ورتو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.