هارين،پورهيتن تي گوليون هلايون ويون، عدالتي جاچ ڪرائي وڃي:شيرين اسد زئور

ڪراچي(عوامي آواز نيوز) سماجي اڳواڻ شيرين اسد زئور چيو ته سڪرنڊ واقعي جي اکين ڏٺن  شاهدن جي بقول جن ماڻهن کي فورسز ماريو آهي نه انهن تي ڪي ڪيس هئا نه ڪي دهشتگرد هئا اهي ماڻهو هاري ۽ مزدور هئا، هن چيو ته جيڪڏهن ڪو مقابلو يا ويڙهه نه ٿي هئي ڪو ڏوهاري به هو ته ٿاڻا موجود آهن ۽ عدالتون به آهن، هي ڇا ٿي رهيو آهي، هن چيو ته سنڌ ۾ رڳو شڪ جي بنياد تي ماڻهو شهيد ڪيا ويا، اسان جو مطالبو عدالتي انڪوائري آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.