ڪراچي(عوامي آواز نيوز) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين داڪٽر قادر مگسي ٽوئيٽر تي لکيو آهي ته سڪرنڊ شهر ڀرسان موري جلباڻي جي ڳوٺاڻن تي سڌي فائرنگ ڪري بيگناهه ڳوٺاڻن کي قتل ڪرڻ جو عمل انتهائي افسوسناڪ ۽ مذمت جوڳو آهي. اهو عمل نه رڳو انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي پر ملڪي مفاد ۾ به ناهي. سنڌ انصاف گهري ٿي. هن واقعي جي عدالتي جاچ ٿيڻ گهرجي.