سپريم ڪورٽ ماڙي جلباڻي واقعي جو نوٽيس وٺي: عوامي تحريڪ

حيدر آباد (پ ر) ماڙي جلباڻي ۾ ٿيل قتل عام جي مذمت ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار چيو آهي ته اهلڪار پاڻ کي آئين ۽ عدالتن کان مٿانهان ٿا سمجهين. سپريم ڪورٽ هن واقعي جو نوٽيس وٺي. ماڙي جلباڻي ۾ ٿيل قتل انساني حقن جي سنگين خلاف ورزي آهي. انساني حقن جون تنظيمون ماڙي جلباڻي جي قتل عام تي آواز اٿارين. سنڌ ۾ انساني حق معطل ڪري بدترين آمريت مڙهي وئي آهي. ماڙي جلباڻي ۾ حملو ڪندڙ ڏوهارين مٿان دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪيا وڃن. ڌاڙيلن اڳيان گيسيون ڪندڙ اهلڪار عوام مٿان بدترين تشدد ڪري رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.