پ پ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي گمراهه پئي ڪري، نگران سرڪار جو اهو تحفو سنڌ قبول نه ڪندي: زين شاهه

ڪراچي(عوامي آواز نيوز) سنڌ يونائٽڊ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ زين شاهه چيو آهي ته سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾ پيش آيل واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي،اليڪشن کان اڳ پيپلز پارٽي پوليس ذريعي  سياسي انتقامي ڪاروايون شروع ڪري ڇڏيون آھن،هن چيو ته  ماڙي جلباڻي ۾ ايس يو پي جي معصوم ووٽرن کي نشانو بڻائيندي مٿن سڌي فائرنگ ڪئي وئي جيڪو انتھائي شرمناڪ عمل آهي،هن چيو ته پيپلز پارٽي پوليس ذريعي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي گمراهه ڪري رهي آهي، صوبائي نگران حڪومت جو اهو تحفو سنڌ جو عوام برداشت نه ڪندو، واقعي ۾ ملوث پوليس، رينجرس اهلڪارن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي، ايس ايس پي نوابشاھ حيدر رضا کي فوري طور تي عھدي تان هٽائي کيس گرفتار ڪيو وڃي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.