عمران خلاف ادارن بابت ڳالهائڻ جو ڪيس خارج ڪرڻ جو فيصلو چئلينج

اسلام آباد ( م ڊ ) ادارن خلاف زهر اوڳاڇڻ واري ڪيس ۾ عمران خان خلاف ڪيس خارج ڪرڻ وارو فيصلو سُپريم ڪورٽ ۾ چئلينج  ڪري ڪيو ويو آهي. درخواستگذار عبدالخليل ڪاڪڙ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان طرفان ادارن خلاف توهين جوڳي ۽ چرڏياريندڙ تقرير واري معاملي تي بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي سُپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي. سُپريم ڪورٽ ۾ داخل اپيل ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته بلوچستان هاءِ ڪورٽ حقيقتن ۽ قانون جي ابتڙ فيصلو ڏنو، پي ٽي آءِ چيئرمين جاچ ۾ شامل نه ٿيو، عمران خان کي جاچ ۾ شامل ڪرڻ کانسواءِ ئي ڪيس جو چالان جمع ڪرايو ويو. اپيل ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته عمران خان ڪيس ۽ گرفتاري وارنٽ ڪالعدم قرار ڏيڻ لاءِ بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.