ڪراچي پوليس چيف جو ڊفينس ٿاڻي جي ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول روم جو دورو

ڪراچي ( رپورٽر ) ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي خادم حسين رند ڊفينس ٿاڻي جي ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول روم جو دورو ڪيو ان موقعي تي زونل ڊي آءِ جيز، ڊي آءِ جي  سي آءِ اي، ڊي آءِ جي ٽريفڪ، ضلعي جي ايس ايس پيز، سي پي ڪي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر مراد سوني، جمال سيٺي، عرفان ابوبڪر، يونس رنگيلا ۽ ٻين عملدارن ۽ پوليس آفيسرن شرڪت ڪئي، مراد سوني پوليس چيف کي پروجيڪٽ جي حوالي سان بريفنگ ڏني ۽ ضلعي سينٽرل ۾ سي سي ٽي وي ڪيمرائون لڳائڻ جي تجويز ڏني، جنهن تي پوليس چيف سندس ڪوششن کي ساراهيو ۽ پوليس طرفان مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو، پوليس چيف ڪراچي ۾ امن امان، اهم هنڌن جي سيڪيورٽي، اسٽريٽ ڪرائم ۽ ٻين مسئلن جي حل لاءِ ڪميونٽي جي سهڪار سان اهڙن منصوبن کي وقت جي اهم ضرورت قرار ڏنو.

  • ڪراچي، ڦر بعد سم بند نه ڪرائڻ سبب شهري جي اڪائونٽن مان پئسا چوري

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي علائقي ڪورنگي 5 نمبر ۾ ڦر بعد موبائل سم بند نه ڪرائڻ شهري کي ڳچي پئجي وئي  شهري جي موبائيل ايزي پئسا ۽ بينڪ اڪائونٽ مان وڌيڪ رقم ڪڍي ويا، شهري موبائل فون ڦر ٿيڻ تي سم بند ڪرائڻ ۾ سستي جوا مظاهرو ڪيو چور بئنڪ  اڪائونٽ مان وڌيڪ رقم جي ٽرانزيڪشن ڪئي، شهري واقعي جي ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست ڏئي ڇڏي آهي پوليس هن وقت تائين جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي.

  • تڪ بندين جا نقشا ويب سائيٽ تي موجود

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن موجب تڪ بندين جا نقشا به ويب سائيٽ تي موجود آهن، شروعاتي تڪ بندين جي اشاعت 30 ڏينهن اندر مطلب 26 آڪٽوبر تائين رهندي، شروعاتي تڪ بندين تي  اعتراض لاڳاپيل تڪ جو ووٽر ڪري سگهي ٿو. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته 28 آڪٽوبر کان 26 نومبر تائين اعتراضن تي فيصلا ڪيا ويندا، اعتراض جمع ڪرائڻ لاءِ لازمي آهي ته اهو لاڳاپيل تڪ جو ووٽر هجي، ضلعي جا نقشا اليڪشن ڪميشن کي قيمت ادا ڪري وٺي سگهجن ٿا .

  • پنجاب ۾ 9 لک 5 هزار ۽ سنڌ ۾ 9 لک 13 هزار آبادي تي تڪ جوڙيا ويا

اسلام آباد:پنجاب جي آبادي 12 ڪروڙ 76 لک 88 هزار 922 آهي، پنجاب ۾ قومي اسيمبلي جون سيٽون 141 آهن، پنجاب ۾ قومي اسيمبلي جي هڪ سيٽ جي ڪوٽا 9 لک 5 هزار 595 آهي. پنجاب ۾ صوبائي اسيمبلي جون سيٽون 297 آهن، صوبائي اسيمبلي جي هڪ سيٽ جي ڪوٽا 4 لک 29 هزار 929 آهي. سنڌ جي آباد 5 ڪروڙ 56 لک 96 هزار 147 آهي، سنڌ ۾ قومي اسيمبلي جي سيٽن جو انگ 61 آهي، سنڌ ۾ قومي اسيمبلي جي هڪ سيٽ جي ڪوٽا 9 لک 13 هزار 52 آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.