ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر ضلعي انتظاميا ۽ بيورو آف سپلائي اينڊ پرائسز کي هدايت ڪئي آهي ته صوبي جي مارڪيٽ ۾ عام واهپي وارين شين جي اگهن جا مناسب انتظام يقيني بڻائين ۽ مارڪيٽ جا اوچتا دورا ڪري شين جي اگهه ۽ معيار جو جائزو وٺن. هن ضلعي انتظاميا ۽ بيورو آف سپلائي اينڊ پرائسز کي صوبي جي مارڪيٽن ۾ مصنوعي قيمتن تي ڪنٽرول ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وڏي وزير انتظاميه ۽ لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي آهي ته هو مارڪيٽ ۾ اگهن جي مناسب انتظامن کي يقيني بڻائين ۽ هو مارڪيٽ جو اوچتو دورو ڪري شين جي اگهه ۽ معيار جو جائزو وٺن. وڏي وزير سان چيئرمين پي اينڊ ڊي شڪيل منڱڻيجو، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري حسن نقوي ۽ ناڻي وارو سيڪريٽري ڪاظم جتوئي پڻ موجود هو. ان حوالي سان اسلام آباد ۾ ناڻي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ سنڌ جي وڏي وزير وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ٻين ناڻي واري وزيرن به شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته کنڊ، ڀاڻ، ڪڻڪ ۽ ٻين شين جي ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون وڌيڪ تيز ڪيو ويندو. اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته مارڪيٽ کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ ڪپڙي، پيٽرول، ڊيزل ۽ ٻين شين جي اسمگلرن خلاف آپريشن جاري رکيو ويندو. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت اڳ ئي انٽيليجنس جي بنياد تي اسمگلرن خلاف آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي، ڪراچي مان ڪپڙو ۽ کنڊ جڏهن ته گهوٽڪي مان هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن.