ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان رپئي جي ڀيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جو اگهه وڌيڪ گهٽجي ويو. ڪاروبار جي شروعات سان ئي ڊالر جي قيمت ۾ گهٽتائي ڏٺي وئي ۽ انٽر بئنڪ ۾ آمريڪي ڊالر وڌيڪ هڪ رپيو سستو ٿي ويو. انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جو اگهه 288 رپيا 75 پئسا آهي، جيڪو گذريل ڏينهن 289 رپيا 80 پئسا تي بند ٿيو هو. جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ به ڊالر 2 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 292 رپين جو ٿي ويو آهي.