شڪارپور، سول اسپتال ۾ بيمار امڙ سان گڏ آيل ناري سان ريپ، اختيارين نوٽيس ورتو

شڪارپور(رپورٽ: ذوالفقار مگسي) شڪارپور جي سول اسپتال ۾ بيمار امڙ سان گڏ  علاج لاءِ آيل نوجوان ناري سان مبينا طور زيادتي ڪئي وئي، زيادتي واقعي ايس ايس پي ۽ ڊي سي نوٽيس وٺي ڇڏيو، آر بي يو ٽي سول اسپتال شڪارپور ۾ رات جي قوت داخل عورت سان گڏ ڌيءَ ثانيه ڌيءَ الله داد سميجو  ابڙو سان زيادتي معاملو سامهون آيو، ناري سان زيادتي جو  ايس ايس پي خالد مصطفيٰ ڪورائي ۽ ڊپٽي ڪمشنر الطاف چاچڙ مبينا زيادتي جو شڪار ناري ۽ سندس وارثن سان اسپتال پھچي ملاقات ڪري تفصيل ورتا، ايس ايس پي ۽ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور جو چوڻ آهي ته جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آھي، ملوث سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري سزا ڏني ويندي، بمتاثر ناري ثانيه ڌيءَ الله داد سميجو ابڙو چيو ته ته بيمار امڙ سان گڏجي اسپتال آئي ھيس، اسپتال ۾ ڪم ڪندڙ جوابدار رات دير سان زبردستي پاسي ۾ وٺي وڃي زيادتي  ڪئي، امڙ بيڊ تي هئي، مان ننڊ پيل هيس، جوابدار منهن بند ڪري پاسي تي وٺي وڃي زيادتي ڪئي، پوليس موجب نوجوان  ناري جي پيءُ ۽ ڀاءُ اطلاع ڪيو ته سندن ڇوڪري سان زيادتي ڪئي وئي آھي، الزام هيٺ آيل نوجوان امداد ولد پنجل ٻرڙو کي گرفتار ڪيو ويو آھي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.