ٺٽو: ٺٽي جي سياسي، سماجي، علمي تنظيمن ۽ قومپرست اڳواڻن ضلعي ٺٽي جي جاگرافيائي حدن ۾ ڇيڙڇاڙ جي صورت ۾ سخت مزاحمت ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي. ان سلسلي ۾ جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي وائيس چيئرمين نواز شاھ ڀاڏائي چيو آھي ته رياست لساني تنظيمن جي چوڻ تي ڊجيٽل آدم شماري جي نالي ھٿ ٺوڪي، جعلي آدمشماري ڪرائي سنڌ جي آدم شماري گھٽ ڏيکاري آھي، نئين ڊجيٽل آدم شماري کي سنڌ جو عوام رد ڪري چڪو آھي، جاگرافيائي حدن سان ڇيڙڇاڙ ڪري سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. ھن چيو ته نئين ڊجيٽل آدم شماري ۾ ٺٽي جي انساني آبادي گھٽ ڏيکاري وئي آھي، نين تڪبندين سبب ميرپور ساڪرو تڪ کي ختم ڪري ڪراچي ۾ شامل ڪرڻ جي سازش رٿي وئي آھي ۽ اھا سڄي سازش ھڪ نئين شھر کي اڏڻ لاءِ ڪئي وئي، جتي ڌارين کي آباد ڪيو ويندو، اھڙي سازش خلاف سخت مزاحمت ڪئي ويندي. ايس ٽي پي ضلعي ٺٽي جي صدر سيد جلال شاھ چيو ته پ پ هميشه سنڌ دشمن فيصلا ڪيا آھن، سي سي آءِ اجلاس ۾ ڊجيٽل آدمشماري جي منظوري ڏئي سنڌ جي ماڻھن سان ويساھ گھاتي ڪئي آھي، سنڌ ترقي پسند پارٽي ٺٽي ضلعي جي حدن جي امڪاني ڇيڙڇاڙ جي نه رڳو مذمت ڪري ٿي پر ان خلاف سخت مزاحمت ڪئي ويندي. قومي عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي جي صدر شبير ڀٽي چيو ته ٺٽو سنڌ جو تاريخي، قديمي ضلعو آھي پر نئين آدم شماري تحت سنڌ جي تاريخي ضلعي جي حدن سان ڇيڙڇاڙ ڪرڻ جون سازشون ٿي رھيون آھن، جيڪي ڪنھن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين، قومي عوامي تحريڪ نئين ڊجيٽل آدم شماري کي رد ڪري ٿي ۽ تاريخي ضلعن جي حدن سان ڇيڙڇاڙ واري عمل خلاف سخت مزاحمت ڪندي. سنڌ ڪلچرل فورم جي چيئرمين صادق لاکو چيو ته جيڪڏهن اسان ساڃاھ وند ڌريون آدم شماري واري معاملي کي ماضيءَ جي آدم شمارين جيان سنجيده وٺي ان سڄي عمل تي نگاھ رکندي عوام جي اندر جاگرتا مهم ھلايون ھا ته اڄ دانھون ڪرڻيون نه پون ھا اسان جي مجرماڻي لاتعلقي، پ پ پ جي قومي لاغرضي دشمن کي پنھنجو مقصد آسانيءَ سان پورو ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي جي اڳواڻ رزاق چانڊيو چيو ته ڊجيٽل آدمشماري ھڪ بوگس، ڪوڙي آدمشماري آھي، جنھن کي سنڌ جو ماڻھو رد ڪري چڪو آھي، جيڪڏھن نئين ڊجيٽل آدمشماري تحت سنڌ جي تاريخي جاگرافيائي حدن سان ڇيڙڇاڙ ڪئي وئي ته سنڌ جو ماڻھو ان خلاف سخت مزاحمت ڪندو، ايس يو پي ضلعي ٺٽي جي صدر عمران خشڪ ڊجيٽل آدمشماري تحت ٿيندڙ نين تڪبندين کي رد ڪريون ٿا، ڇاڪاڻ ته نين تڪ بندين سبب ٺٽي ضلعي جي تاريخ سان ڇيڙڇاڙ ڪئي پئـي وڃي، ٺٽي جو صوبائي تڪ ختم ڪري ڪراچي ۾ شامل ڪرڻ ھڪ سوچيل سمجھيل سازش آھي جنھن کي سنڌ جو ماڻھو ڪنھن به صورت ۾ قبول نه ڪندو.