اوٻاوڙي ڀرسان پسند جي شادي ڪندڙ عورت قتل، بنا غسل ۽ ڪفن جي دفن

اوٻاوڙو (رپورٽ: عبدالحئي ڇڄڻ) اوٻاوڙي ڀرسان آڌي بنگلو وٽ پسند جو پرڻو ڪندڙ عورت جي مڙس جمالدين مهر ۽ پٽ کي پوليس سان ڳٺ جوڙ ڪري مبينا ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪرائڻ بعد جوابدارن عورت  سلمه کي گهٽا ڏئي قتل ڪري  لاش پاڻي ۾ اڇلائڻ بعد بنا غسل ڪفن جي کڏ کوٽي پوري ڇڏيو، سوشل ميڊيا تي خبر وائرل ٿيڻ بعد پوليس عورت جي گرفتار مڙس جمالدين مهر ۽ پٽ کي آزاد ڪري ڇڏيو، عورت جو لاش هٿ نه اچي سگهيو، جمالدين مهر آزادي بعد چيو ته محمد شريف جي فوت ٿيڻ بعد هُن جي گهر واري سلمه مون سان پسند جو پرڻو ڪيو هو، وڏيري ۽ محمد شريف جي ڀائيٽن اسان کي گرفتار ڪرائي زال کي قتل ڪرايو آهي، واقعي ۾ شبو مهر، آصف مهر ، ڪمال مهر ۽ انهن جا ساٿي ملوث آهن، انصاف ڪيو وڃي، اوٻاوڙو پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته واقعي جي خبر دير سان ملي آھي هن وقت ڳوٺ تي چڙهائي ڪئي آھي پر جوابدارن جا گهر خالي آھن، لاش جي ڳولا ڪيون پيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.