پنو عاقل ( ن ع آ) پنو عاقل ۽ سکر پوليس عوامي آواز رپورٽر تي تشدد واقعي ۾ ملوث بااثر جوابدار جي وانگارو بڻجي وئي.
پني عاقل ۾ عوامي آواز جي رپورٽر رستم انڍڙ ۽ ڪئميرا مين انور علي جتوئي تي تشدد ڪندڙ بااثر امجد ٿھيم سميت 9 جوابدارن کي پوليس گرفتار نه ڪيو.
صحافين مٿان بدترين تشدد جو اطلاعات واري وفاقي وزير مرتضي سولنگي ۽ آءِ جي سنڌ نوٽيس ورتو پر ان باوجود واقعي کي ھفتو گذري ويو آهي ۽ پوليس جوابدارن کي گرفتارڪرڻ بدران پڪڙيل ٻھ جوابدار عبدالله ۽ فراز ٿھيم به بااثر جي چوڻ تي آزاد ڪري ڇڏيا آهن.
صحافين مٿان تشدد ڪندڙ بجلي چور بااثر امجد ٿھيم، عبدالله ٿهيم، فراز ٿھيم سميت 9 جوابدارن تي ڪيس داخل ھجڻ باوجود کين گرفتار نه ڪرڻ تي قلم ڌڻين چيو آھي ته صحافي پنهنجي جان خطري ۾ وجهي به قلم۽ ڪئميرا ذريعي مظلومن جو آواز اعلي ايوانن تائين پهچائندا آھن پر جڏهن اھو قلمڪار پاڻ ڪنهن ظلم جو شڪار ٿي وڃي ٿو ته قانون جا رکوالا خاموش تماشائي بڻجي ويندا آهن.
هنن اعليٰ اختيارين کان نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
Next Post
You might also like