ڪراچي وارن کي بجلي جو وڏو ڪرنٽ لڳي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن کي بجلي جو ٻيو جهٽڪو لڳي ويو، نيپرا ڪراچي لاءِ بجلي 4 رپيا 45 پئسا في يونٽ تائين مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
نيپرا موجب بجلي جي اگهن ۾ واڌ جي منظوري گذريل مالي سال جي پهرين ٽن مهينن جي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڏني وئي، نيپرا ڪراچي لاءِ بجلي مهانگي ڪرڻ جو فيصلو نوٽيفڪيشن لاءِ وفاقي حڪومت کي موڪلي ڇڏيو.
ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن کان واڌو وصوليون آڪٽوبر ۽ نومبر 2023 ۾ ڪيون وينديون، ڪي اليڪٽرڪ لاءِ 1.49 رپين کان 4.45 رپيا في يونٽ تائين بجلي مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.
نيپرا وفاقي حڪومت جي درخواست تي واڌ جي منظوري ڏني، نيپرا پنهنجو فيصلو وفاقي حڪومت کي موڪلي ڇڏيو، وفاقي حڪومت طرفان نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ کانپوءِ واڌ لاڳو ٿي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.