رياستي ادارا عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ متحد آهن: آرمي چيف

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته فوج خيبر پختونخواهه جي ترقي ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي رهندي ته جيئن معاشي ترقي جي رفتار کي وڌائي سگهجي.
آءِ ايس پي آر موجب پشاور ۾ ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس دوران آرمي چيف کي منشيات جي سمگلنگ ۽ ذخيري اندوزي خلاف قدمن سميت مجموعي سيڪيورٽي صورتحال بابت بريفنگ ڏني وئي.
ان موقعي تي آرمي چيف چيو ته اسان کي پنهنجي ملڪ جي ترقي، استحڪام ۽ امن لاءِ هڪٻئي سان سهڪار کي وڌائڻو پوندو، ملڪ جي امن ۽ خوشحالي لاءِ پنهنجي ڪوششن کي هم آهنگ ڪرڻو پوندو.
ايپڪس ڪميٽي ۾ شرڪت ڪندڙن ان عزم جو اظهار ڪيو ته رياستي ادارا عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ متحد آهن.
شرڪت ڪندڙن شهيدن کي به ڀيٽا پيش ڪئي، جڏهن ته آرمي چيف جي پشاور آمد تي ڪور ڪمانڊر پشاور سندس آجيان ڪئي.
آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف عورتن جي سمپوزيم ۾ عورت سان خطاب به ڪيو، هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ عورتن ملڪي ترقي ۾ هاڪاري ۽ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، ملڪي ترقي ۾ عورتن جو ڪردار انتهائي اهميت رکي ٿو.
هن چيو ته خيبر پختونخواهه جي عورتن دهشتگردي خلاف ڊگهي جنگ سبب وڏن چئلينجن کي منهن ڏنو، عورتن انهن سڀني چئلينجن باوجود پختي عزم۽ بهادري جو ثبوت ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.