جڏھن آءِ ايم ايف ڪنهن غريب ملڪ جهڙوڪ پاڪستان کي قرض ڏيئي ٿو ته ان تي سخت شرط لاڳو ڪري ٿو.جيئن تيل.گئس.بجلي۽ ٽيڪس ۾ واڌارا ۽ انهن شرطن جا اهي مقصد آھن ته ان وڌندڙ مهانگائي.تيل.بجلي ۽ ٽيڪس کان ملڻ واري سموري رقم آءِ ايم ايف جي قرضن لاهڻ ۾ خرچ ڪيا ويندا (يعني اسان جي ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ .سياستدان. جاگيردار. سرمائيدار سمورو ٻوجھه عوا تي وجهي آءِ ايم ايف کان ملڻ واري سموري رقم فضول خرچين.ڪرپشن.کيسن کي گرم ڪرڻ ۽ ٻاھرين ملڪن ۾ منتقل ڪرڻ وغيره جي شڪل ۾ ڦرلٽ ڪئي وڃي ٿي. ڇوته آءِ ايم ايف کي پنهنجن قرضن جي واپسي به ته ڪرڻي هوندي آھي.۽ آءِ ايم ايف تڏھن ئي قرض ڏيندي آھي.جڏھن حڪومت هن کي اهو يقين ڏياري ته اوهان جو پئسو انهن وسيلن کان واپس اچي سگهي ٿو ۽ اهي وسيلا ۽ شرط آءِ ايم ايف حڪومت کي ٻڌائيندي.جيئن هن وقت پاڪ حڪومت کي ٻڌائي پئي.جيڪڏھن حڪومت ۽ آءِ ايم ايف انهن شرطن تي راضي ٿيا ته انهن شرطن تي ملڻ واري رقم آءِ ايم ايف جي قرضن ۽ وياج جي ادائيگي ۾ استعمال ٿيندي ۽ ان ريت سموري رقم کي آءِ ايم ايف يا بين الاقوامي سامراج جي غلامي ۾ داخل ڪيو وڃي ٿو.
اڳين زماني ۾ واپار شين جي مٽاسٽا سان ٿيندو هو.۽ اھو محدود ۽ ذاتي نموني جو هو.جيڪو بعد ۾ ڪشادي پيماني تي ملڪن جي وچ ۾ پکڙيو.جنهن کي Bartter system سڏيو وڃي ٿو.بعد ۾ سڪن وغيره جو رواج پيو ۽ پوءِ ان سان گڏ ئي دنيا ترقي ڪندي رهي ۽ مٽاسٽا وڏي پيماني تي ٿيڻ لڳي.ان دور کيMerchantism سڏيو وڃي ٿو.مثلا هڪ ماڻھوءَ ڪنهن کي ڪڻڪ ٿي ڏني ته موٽ ۾ ٻئي ماڻھوءَ کيس چانور ٿي ڏنا وغيره يعني اهوئي وڏي پيماني تي پکڙجي ويو.گڏ ئي شين جي مٽا سٽا جي بدلي کانسواءِ سون ۽ چاندي جي سڪن جي به ڏي وٺ ٿيڻ لڳي.ان کانپوءِ سترهين ۽ ارڙھين صدي ۾ صنعتي ترقي سان گڏ دنيا ڪافي ترقي ڪئي.صنعتي ترقي جو بنياد مشين جي ايجاد سان پيو ۽ اهو ڪم جيڪو 20 يا 30 ڪلاڪن ۾ ڪري سگهندا هئا.مشينن جي ايجاد کان اهو ڪم.منٽن ۾ ٿيڻ لڳو.
ان دور کي Industrilism دور يا صنعتي دور سڏيو وڃي ٿو.ان دور سان گڏ ڪيپيٽلزم جو دور به شروع ٿي وڃي ٿو ياد رکو ته ڪيپيٽلزم کان اڳ جاگيرداري نظام هو.جنهن کي Fedulism سڏيو وڃي ٿو.ان جو مڪمل خاتمو ته نه ٿيو.پر يورپ ۾ ان جي خلاف انقلاب آيو.ماڻھو Fedulismکان تنگ ٿي چڪا هئا.۽ ان ريت سرمائيدارن ماڻھن کي هڪ نئين سوچ ۾ جڪڙي ڇڏيو.Capitalsim جو معاشي نظام جيڪو ايڊم سمٿ ڏنو ۽ مختلف سرمائيدار ملڪن ان نظام کي اپنايو.جيڪو هڪ اهڙو نظام ھو. جنهن۾ نه صرف سرمائيدار جي ناڻي کي قانوني حيثيت ڏني وڃي ٿي.بلڪ ماڻھن کي غلامي ڏانهن پڻ ڌڪيو وڃي ٿو ۽ ان ريت سرمائيداري نظام جنهن کي اسان ڪيپيٽلزم سڏيون ٿا.هڪ نئين شڪل ۾ وجود ۾ اچي وڃي ٿو.
مشين جي ايجاد جتي انسانن جا ڪم آسان ڪيا .اتي سرمائيدارن مزدورن جو استحصال به شروع ڪيو.مزدور کان16 کان18 ڪلاڪ ڪم ورتو ويو.۽ ان جي ڀيٽ ۾ مزدورن کي نهايت ئي گهٽ آمدني ملڻ لڳي.جنهن ڪري يورپ ۾ سوشلسٽ انقلاب ۽ مزدورن جي حقن جي لاءِ آواز بلند ٿيڻ شروع ٿيا.
ان ريت سوشلسٽ معاشي نظام وجود ۾ اچي ٿو.جنهن جو باني ڪارل مارڪس ٿئي ٿو. جنهن تي روس ۾ انقلاب برپا ٿيئي ٿو.سوشلسٽ انقلاب ۽ مزدورن جي يونين کي ڏسي ڪري سرمائيدار وقتي طور تي يورپ آمريڪا وغيره ۾ چمڪو ڏئي ڇڏي ٿو.ان سان گڏ ئي منڊي ۽ ڪاروباري رستن تي ڪنٽرول جي حاصلات جي لاءِ ٻه عظيم جنگيون وڙھيون وڃن ٿيون.
هاڻي اسان اچون ٿا اصل ٽاپڪ ( Topic ) تي.ڇوته ڪاروبار شين جي مٽاسٽا يا سون تي هو ته مختلف بينڪون وجود ۾ آيون.جنهن جي لاءِ چيو ويو ته توهان انهن وٽ سون جمع ڪيو.جنهن جي انهن هڪ رسيد ٺاھي ٿي ڏني.جنهن رسيد کي ڪاروبار جي لاءِ استعمال ڪيو ٿي ويو. ۽ بعد ۾ اها رسيد بقول بينڪن جي ساڳين بينڪن ۾ يا ٻي ڪنهن رجسٽرڊ بينڪ ۾ جمع ڪري پنهنجو سون واپس وٺي سگهو ٿا.جنهن سان ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني ٿي.پر انهن بينڪن دوکو ڏيڻ شروع ڪيو.مثلا هڪ تولي سون جي بدلي ۾ هڪ رسيد جاري ڪرڻ گهربي هئي.پر بينڪن ڏھن کان ويهھ رسيدون ڏيڻ شروع ڪيون ۽ ان ريت بينڪن پنهنجي ڦرلٽ جو ڪاروبار شروع ڪيو.بعد ۾ جڏھن ماڻھن واپس پنهنجو.سون گهرڻ شروع ڪيو ته بينڪن وٽ ايترو سون نه هو يا بينڪن ڏيڻ نٿي چاهيو.۽ ان ريت بينڪن پاڻ کي ڏيوالي طور ڊڪليئر ڪري فرار ٿيون يعني ان قسم جي ڏي وٺ ھئي.جيئن پاڪستان ۾ ڊبل شاهه ڪيو هو.ماڻھن جا پئسا ڦري ڪري فرار ٿيو.هاڻي اچون ٿا پوائنٽ تي ته ڊالر ڪيئن وڌي ٿو.؟ڇو وڌي ٿو؟ڪاغذي ڪرنسي جي حقيقت ڇا آھي’قرضن جي حيثيت ڪيئن ڪئي وڃي ٿي؟وغيره وغيره.
1944ع۾ جڏھن ٻي جنگ عظيم پنهنجي پڄاڻي تي پهتي ته 44 ملڪن آمريڪا جي اڳواڻي ۾ ڪاروبار جي ڏي وٺ جو هڪ طريقو چٽو ڪيو ته جن ملڪن وٽ سون گهڻو هوندو.انهن ملڪن جي پئسي جو قدر وقيمت به وڌيڪ ٿيندي.يعني ڪاغذي ڪرنسي جي پٺيان سون هو.جيترو جنهن ملڪ وٽ سون هوندو ان ريت جيڪڏھن ملڪ ڪاروبار ڪندا ته سون جي سون جي مٽاسٽا ٿيندي.پر ايتري گهڻي سون جي ملڪن جي وچ ۾ اچڻ وڃڻ سان مسئلا پيدا ٿيندا. پر عالمي سامراجي سرمائيدار پنهنجي لاءِ ڳولي رهيا هئا.ڇوته جيڪي 44 ملڪ شامل هئا.انهن ۾ اڪثر آمريڪي سامراج جا ساٿاري ۽ ڪٺ پتلي هئا انهيءَ ريت اهو قانون پاس ٿيو ته ملڪ پاڻ ۾ ڪاروبار جي ايڪسچينج جي لاءِ ڊالر جو استعمال ڪندا ۽ ان ڊالر جي بدلي ٻيو ملڪ پنهنجو سون آمريڪي ريزرو بينڪ ۾ جمع ڪندو.۽ جڏھن چاهي پنهنجو سون پنهنجي ملڪ ۾ ٽرانسفر ڪري سگهي ٿو.ٻين لفظن ۾ آمريڪا جي ريزو بينڪ جو ڪم ميڊيم آف ايڪسچينج هو يعني هڪ اهڙي بينڪ جنهن جي ذريعي دنيا جا سمورا ملڪ پنهنجو سون جمع ڪري ڪاروبار ڪري سگهن ٿا. ان ملڪ کي ڊالر ايشو ڪندي.۽ جڏھن چاهي آمريڪي بينڪ کي ڊالر ڏئي ڪري پنهنجو سون واپس گهري سگهي ٿو.اهوسسٽم 1971ع تائين هلندو رهيوان دوران ويٽنام جي جنگ شروع ٿي ته آمريڪا سامراج بي حساب ڊالر ڇاپڻ شروع ڪيا.ٻين ملڪن جڏھن اهو ڏٺو ته آمريڪا وٽ ذاتي طور تي ايترو سون ناهي جيتري تيزي سان ڪاغذي ڪرنسي ڇاپيندو پيو وڃي.ته انهن پنهنجي سون گهرڻ جي ڊيمانڊ ڪئي.
آمريڪا جڏھن انهن حالتن کي ڏٺو ته ان ريت ته اسان جو سمورو ملڪ ڏيوالي جي ور چڙھي ويندو.ڇاڪاڻ ته ملڪ پنهنجو سون گهري رهيا هئا.جنهن جو مطلب سون جو آمريڪا کان وڃڻ يعني آمريڪا وٽ سون جي کوٽ سبب کان ڊالر جي ريٽ ۾ رڪارڊ گهٽتائي جيڪو تمام وڏو نقصان هو؟ آمريڪا پاڻ کي بچائڻ جي لاءِ ڊالر يا پئسن جي پٺيان سون وغيره جو 1971ع وقتي(Temporary ) خاتمو ڪيو.ليڪن اڄ تائين ٻيهر ڪاغذي ڪرنسي جي پٺيان ڪنهن سون جو هئڻ لاڳو نه ٿيو.جنهن جي سبب کان سڄي دنيا جي معشيت لمي لڏي رهي آھي.ان ريت اڄڪلھه جيتري به ڪاغذي ڪرنسي آھي ان جي پٺيان صرف هڪ يقين ۽ گورنمينٽ جي آرڊر کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي يعني اهو فقط ڪاغذ آھي.جنهن کي گورنمينٽ اهميت ڏني آھي.بينڪ ڪيئن ڪم ڪري ٿي؟ بينڪ ڪيئن ٺھي؟ ان جو سبب مان مٿي بيان ڪري چڪو آھيان.هينئر اسان هن ڳالھه تي فوڪس ڪنداسين ته اڄڪلهه جون بينڪون ڪيئن ڪم ڪن ٿيون؟ پئسن جي ڏي وٺ جو هڪ وسيلو آھي.جتي اسان پئسا رکڻ سان گڏوگڏ اوڌر به وٺي سگهون ٿا.ڪيپيٽلزم ۾ بينڪ وياج تي نه صرف ڪاروبار ڪري ٿي بلڪ اوڌر به وياج تي ئي ڏيئي ٿي؟ملڪ جي اندر هڪ سينٽرل بينڪ هوندي آھي.جنهن سان گڏ باقي سموريون بينڪون اٽيج ياConnect هونديون آھن.سينٽرل بينڪ يا پاڪستان جي اسٽيٽ بينڪ کي سمجهڻ کان اڳ ملڪ جي معشيت کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندي آھي.ملڪ جي اندر ٻن قسمن جون معاشي پاليسيون هونديون آھن.هڪ کي( Fiscal ) ۽ ٻي کي( Monetrory policy ) سڏين ٿا. FISCAL POLICEY تي گورنمينٽ جو ڪنٽرول هوندو آھي.جڏھن ته ( Monetrory POLICEY ) تي سينٽرل بينڪ جنهن کي پاڪستان جي اسٽيٽ بينڪ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو.ڪنٽرول ڪري ٿي. Monetory policy ۾ بنيادي شئي پئسن جو وهڪرو Flow کي مارڪيٽ جي اندر بيلنس رکڻ ۽ ان جي مطابق انفليشن ريٽ (مختصر لفظن ۾ شين جي قيمتن ۾ هيٺ مٿي ٿيڻ کي انفليشن سڏجي ٿو) ۽ وياج جي واڌ ڪرڻ مثلن جيڪڏھن پئسن جو وهڪرو مارڪيٽ ۾ گهڻو ٿي وڃي يعني وقت جي حڪومت ملڪ ۾ موجود وسيلن کان وڌيڪ پيسا Print ڪري جنهن جي سبب کان پيسن جو وهڪرو مارڪيٽ جي اندر وڌيڪ ٿي ويندو ۽ شين جي قدر ۾ کوٽ اچي ويندي.ان کي انفليشن سڏين ٿا ۽ ان کي معشيDamand and supply theory جي نالي سان به سڃاتو وڃي ٿوته جڏھن هڪ شئي جي گهرج Demand ۾ واڌارو ٿي وڃي ٿو ته ان جي قيمت Valuesوڌي وڃي ٿو.
نيٺ سوال پيدا ٿيئي ٿو ته مارڪيٽ جي اندر پيسن جو وهڪرو وڌي ڇو ٿو؟يا پوءِ حڪومت وڌيڪ پيسا پرنٽ ڪري؟جيئن ته مٿي بيان ٿي چڪو آھي ته 1971ع کانپوءِ پئسن جي حقيقت صرف ڪاغذ جي ٻي ڪا ناهي.ان جي پٺيان ڪو سون يا تيل ناهي بلڪ هڪ يقين آھي ته اهو ڪاغذ مارڪيٽ ۾ قابل قبول آھي.۽ ان جي ڏي وٺ قابل قبول ڪئي وڃي ٿي.
(هلندڙ)
هاڻي ائين ٿيو ته آمريڪا پهرين کان ئي ڪافي ملڪن ۽ خاص ڪري يورپ ۽ سعودي عرب سان اهي معاهدا ڪيا ته اوهان ماڻھو واپار ۽ خاص ڪري تيل جو وڪرو ڊالر ۾َ ڪندو.هن وقت سعودي عرب پهرين تيل کي آمريڪي ڊالر ۾ آمريڪا کي وڪرو ڪري ٿو.جنهن کانپوءِ آمريڪا باقي دنيا کي وڪرو ڪري ٿو.ان جي بدلي ۾ آمريڪا ۽ سعودي حڪومت جي وچ ۾ ھڪ معاهدو ٿيو آھي ته تيل آمريڪي ڊالر ۾ وڪرو ڪري پر بدلي ۾ آمريڪي ڊالر جو سعودي حڪومت جي وچ ۾ وڌيڪ فرق نه اچڻ کپي.۽ ان ريت عالمي مارڪيٽ جي اندر آمريڪي سامراج جي بالادستي.ظلم ۽ ڪوڙ سان قائم آھي.۽ واپار تيل جي آمريڪي ڊالر ۾ وڪرو جي سبب کان ڊالر جي گهرج عالمي مارڪيٽ ۾ وڌي وڃي ٿي.۽ ڊالر چڙھڻڻ لڳي ٿو يعني ڊالر جي گهرج Demand ۾ واڌارو ٿيئي ٿو.ڇو ته هر ملڪ ڊالر کي ذخيرو ڪرڻ چاهيندو يا پنهنجي Export وڌائيندو.ڇاڪاڻ ته جنهن ملڪ وٽ ڊالر وڌيڪ هوندو اوتري ان ملڪ جي ڪرنسي وڌيڪ هوندي.يا Export وڌڻ سان وڌيڪ ڊالر ملڪ جي اندر فلو ڪندو.ڇوته عالمي مارڪيٽ ۾ ڊالر گهڻو هلي ٿو.
هاڻي اچون ٿا قرض جي ڪهاڻي ڏانهن.
جڏھن ڪو ملڪ بجيٽ پيش ڪري ٿو ته جيڪڏھن بجيٽ ڏيوالي ۾ ھجي ته اهو ڏيوالو پورو ڪرڻ جي لاءِ حڪومت قرض وٺي ٿي.ليڪن هتي گڏ ئي سوال اهو به ٿيئي ٿو ته بجيٽ ڏيوالي ۾ ڇو اچي ٿي.هڪ ملڪ جي بجيٽ ٻن شين تي مشتمل Government earning هوندي آھي يعني اهي پيسا جيڪي وقت جي حڪومت وٽ اچن ٿا.جيئن ٽيڪس جي صورت ۾ يا ٻين وسيلن يا هڪ وڏي وسيلي جنهن کي اسان Foriegn remittance سڏيون ٿا.جنهن ۾ ٻاھرين ملڪ ۾ موجود پنهنجي ملڪ کي پيسا ڊالر جي شڪل ۾ منتقل ڪن ٿا .ان کي Foriegn remittance سڏين ٿا.اهي پيسا حڪومت جي خزاني ۾ نٿا وڃن بلڪ اهي ماڻھو پنهنجي فيملي وغيره جي لاءِ موڪلين ٿا.ليڪن وڏو فائدو حڪومت کي پهچي ٿو.ڇوته حڪومت وٽ ڊالر جو ذخيرو وڌي وڃي ٿو ۽ ٻيو اهم حصوGovernment expenditure حڪومت جا خرچ .جيڪڏھن حڪومت جا خرچ وڌيڪ هجن ڪمائي کان ته بجيٽ ڏيوالي ۾ رهي ٿي.جيئن پاڪستان جيڪو سرمائيدارن.ملٽري اسٽيبلشمينٽ ۽ ڪرپشن جي سبب کان سدائين ڏيوالي ۾ رهي ٿي.ان سان گڏ Trade deficit جنهن کي اسان واپاري ڏيوالو به سڏيون ٿا.جڏھن Export ۽ Import کان انهن سمورن ڏيوالن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ حڪومت قرض وٺي ٿي.۽ اھو قرض پاڪستان ۾ موجود ڪرپٽ نظام ۾ سرمائيدار جاگيردار پنهنجا کيسا ڀرڻ جي لاءِ ڄاڻي واڻي انهيء عوام تي قرضن جي شڪل ۾غلامي جي زنجيرن ۾ جڪڙي ڇڏي ٿو.حڪومت اهي قرض سينٽرل بينڪ (پاڪستان ۾ اسٽيٽ) مقامي ۽ آءِ ايم ايف کان مختلف ۽ سخت شرطن تي وٺي وڃي ٿي.
اهي سخت شرط ڇو هنيا وڃن ٿا؟ڇا ان جو مقصد پاڪستان جي ترقي سان سلهاڙيل آھي؟يا ڪو ٻيو ڪجهه ؟نه پاڪستان جي ترقي ڇاجي بلڪ 22 خاندانن جي جي ذاتي ترقي جي لاءِ قرض ورتا وڃن ٿا.جنهن جي ادائيگي وري عوام جي رت ۽ پگهر کان ادا ڪئي وڃي ٿي.
انهن قرضن کي وياج سميت واپس ڪرڻو پوي ٿو.بينڪ يا آءِ ايم ايف قرض ڏيئي ٿي؟بينڪ صرف ڪجهه Digits enter ڪري نوان پيسا Generate ڪري ٿي.چاهي اهي مقامي بينڪون هجن .سينٽرل بينڪ هجي يا IMF اهو صرف حڪومت جي کاتي ۾ Creadit لکي ڇڏي ٿو ته هاڻي اسان حڪومت کي ايترا پئسا ڏنا.جڏھن ته حقيقت ۾ ڪجهه Digits منتقل ٿي وڃن ٿا.پوءِ حڪومت انهن Digits جي بدلي ۾ صرف وڌيڪ پيسا پرنٽ ڪري ٿي.بلڪ ساڳئي Digits هڪ ملڪ پنهنجي ملڪي يا انٽرنيشنل سطح تي منتقل يا واپار ڪري سگهي ٿو.ان ريت وڌيڪ پيسن جي پرنٽ جي سبب کان ملڪ جي اندر شين جي وهڪري ۾ واڌارو ٿي وڃي ٿو.جنهن جي سبب کان شيون هيٺ مٿي هليون وڃن ٿيون.
ڪيپيٽلزم (اسان جي پاڪستان ۾ به) جي اندر هڪ عجيب غريب نظام آھي.جتي ٻه حڪومتون معشيت کي ڪنٽرول ڪن ٿيون.هڪ پاسي حڪومت جيڪا Fiscal policy پنهنجي کي ڪنٽرول ۾َ رکي ٿي ته ٻي پاسي سرمائيدار بينڪن جي صورت ۾ ويٺا آھن.هڪ ٻيو نظام ڪنٽرول ڪري ٿو.جنهن کي Monetary policy سڏيو وڃي ٿو.ٻنهي جڳهن تي سرمائيدار پنهنجا کيسا ڀرڻ ۽ عوام کي ذليل ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر نٿا ڇڏين.آسان لفظن ۾َ اسان جي ملڪ ۾ موجود سرمائيداري نظام سواء عوام.کي ڪوڙيون اميدون ڏيڻ ۽ مهانگائي وغيره جي صورت ۾ ڦرلٽ ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي.
جيڪڏھن اسان جو پيارو پاڪستان پاڻ کي پنهنجن پيرن تي بيهارڻ چاهي ٿو ته سڀ کان پهرين Agricuture sector تي ڌيان ڏيئي.۽ پنهنجي Export کي وڌائي.
موجوده وقت ۾ چين .روس ۽ ايران.آمريڪا ۽ سندس ڊالر جي لاءِ نڪ جي نوڙي بڻيل آھن.ڇاڪاڻ ته اهي ملڪ پنهنجي ڪرنسي تي شين جي مٽاسٽا تي يقين رکن ٿا ۽ ان ڪري پاڪستان کي بجاءِ آمريڪا جي هنج ۾ ويهڻ نه گهرجي بلڪ چين.روس ۽ ايران سان دوستي وارا تعلقات مضبوط ڪري ته جيئن موجوده نهايت بدترين صورتحال کان ٻاهر نڪري سگهي.پر غلام ڪڏھن به پنهنجي غلامي واري عادت کي مٽائي نٿو سگهي .