لڄالٽ جي شڪار نياڻي جو دم ڏيڻ ،وحشي پڻي مان ڪيئن جند ڇٽندي ؟

سنڌ ۾ روز لڱ ڪانڊاريندڙ واقعا رپورٽ ٿي رھيا آھن.جنھن مان اندازو ڪري سگھجي ٿو تھ معاشرو ڪھڙي صورتحال کي منھن ڏئي رھيو آھي.لڳي ائين پيو تھ سماج ۾وحشيپڻو ڪنھن ناسور جيان تيزي سان پکڙجي ويو آھي.جنھن کي قانون جا رکوالا روڪڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي ويا آھن.

اجتماعي لڄالٽ جي شڪار ھيءَ نياڻي علاج ٿيڻ ۽ انصاف ملڻ کان اڳ ئي ھن دنيا مان موڪلائي وئي.وارهه ۾ اجتماعي زيادتي جو شڪار ٿيل نياڻي نازيا چنو کي ڪراچي جي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو ھو.جتي ھو  زندگيءَ جي جنگ ھارائي وئي.ھن جو  لاش وارھ پهچڻ تي شھر سوڳ ۾ وٺجي ويو.شھرين ۽ سماجي اڳواڻن شھر جي  فاضل راھو چوڪ تي ڌرڻو هنيو ۽ اختيارين خلاف احتجاج نوٽ ڪرايو.خبر موجب  مهينو اڳ نياڻي سان اجتماعي لڄالٽ جو واقعو پيش آيو ھو.جنھن بعد ھو مسلسل ذھني دٻاءُ جو شڪار رھي.ھڪ خيال اھو بھ آھي تھ ھن تي ان جو ايترو منفي اثر پيو ھو سندس طبيعت ۾ ڪو سڌارو نه اچي سگهيو.

سخت تڪليف سبب ڪجھه ڏينهن ڪراچي جي اسپتال ۾ وينٽيليٽر تي ھرڻ بعد آخري ڪار ھن پساهه پورا ڪيا.نياڻي جو لاش وارھ شھر پهچڻ شرط شهرين دڪان بند ڪري ڇڏيا.سوين ماڻهن شھر جي چوڪ تي ڌرڻو ھنيو.جنھن دوران شهرين  الزام هنيو تھ ھن  ڪيس جي جاچ ليڊي پوليس آفيسر راحيله گوپانگ ڏوھارين جي سهولتڪار آھي.جنھن ڪري اھو ڪيس قانون موجب اڳتي وڌي نھ رھيو آھي.شھرين موجب واقعي کي پورو ھڪ مهينو گذري ويو آھي ان جي  باوجود صحت کاتي پاران ميڊيڪل رپورٽ پڌري نھ ٿي آھي.جڏھن تھ ان سلسلي ۾ نياڻي نازيا چنو  ڪيس ۾ گھربل ٻن اڻڄاتل جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ سان گڏ ڪيس ۾ قتل جا قلم شامل ڪيا وڃن.ٻئي طرف ايس ايس پي قمبر آصف رضا بلوچ  پريس رليز جاري ڪئي آھي جنھن موجب نازيا چنو ڪيس ۾ وارثن سان انصاف ڪيو ويندو.

عرصي کان سنڌ ۾ خراب ڪارڪردگيءَ واري حڪومت ھئڻ ڪري ڪو بھ ضلعو يا ٻھراڙي وارو علائقو نھ بچيو آھي جتي ڏوھ  ۽  ارھ زورايون جاري نھ ھجن.جيتوڻيڪ  قانون تي عمل ڪرائڻ جي لاءِ سرڪار جا کاتا تھ کليل آھن، انھن ۾ آفيسر ۽ عملدار بھ مقرر آھن. جن وٽ مڪمل انتظاميھ ۽ مشينري پڻ آھي.

تنھن ھوندي اھو سوال پنھنجي جاءِ تي موجود آھي تھ عام ماڻھو کي انھن مان ڪھڙو فائدو ٿي رھيو آھي ؟  مختصر طور ھي سادي ڳالھھ ئي  ڪافي آھي تھ سرعام ماڻھو اغوا پيا ٿين، قتل پيا ٿين، ريپ ڪيس وڌي ويا آھن،چوريون ۽ ڦرون بھ ھر ھنڌ ٿي رھيون آھن.جن کي روڪڻ ڪم تھ پوليس جو آھي پر پوليس ان ڪم لاءِ تيار نھ آھي.

اھو سلسلو ھڪ عرصي کان هلندڙ آھي، ائين تھ ٿي ئي نٿو سگھي تھ پوليس اختياريون وڌندڙ ڏوھن کان واقف نھ ھجن.پوءِ بھ  نڪ جي پڪائي ڪري جيڪڏھن انھن ڏوھن ۽ غيرقانوني ڪمن تي پردو وڌو وڃي ٿو تھ ان جو ڪھڙو مطلب آھي ؟

ھن وقت سنڌ ۾ رسمي ۽ غير رسمي ميڊيا سرگرم ٿيڻ سان ۽ ان جي عوامي سطح تائين رسائي سبب عام ماڻھو پڻ متحرڪ ۽ سرگرم ٿي رھيو آھي، انڪري سماج جو ڀيانڪ عڪس ميڊيا ۾نظر اچي رھيو آھي.ان ڪري نھ چاھيندي بھ سرڪاري کاتا ٿورا ٿڪا مجبوري ۾ ڪم ڪري رھيا آھن.ھي ان ميڊيا جو ئي اثر آھي جو معاشري ۾ طاقتور خلاف سماج اٿي کڙو ٿي رھيو آھي.

ھڪ مھذب معاشري ۽ جمھوري سرشتي ۾ عوام جي حقن جي حفاظت ڪرڻ ۽ انھن جي لاءِ سھولت پيدا ڪرڻ ئي بنيادي ڪم ھوندو آھي پر ھتي حڪومت جي ناقص ڪارڪردگيءَ سبب عوام کي سھولتن نھ ملڻ ڪري روز سنڌ جي درجنين  شھرن ۾ خطرناڪ ڏوھ ٿي رھيا آھن.جن تي لڳاتار ماڻھو پڻ احتجاج ڪري رھيا آھن.جنھن مان اندزو ڪرڻ ڪو گھڻو ڏکيو نھ آھي تھ سماج جي اصل حالت ڇا آھي.

ھر حڪومت وٽ مخصوص طبقي ۽ ان سان جڙيل حلقي جون پنھنجون اوليتون ھونديون آھن، ۽ بدقسمتي سان انھن جي ايجنڊا مان عام ماڻھو يا عوام جي لاءِ سھولتن مھيا ڪرڻ وارو اسم گم ھوندو آھي.جنھن ڪري مجموعي طور تي معاشري مان سھپ رواداري ۽ مثبت قدر ختم ٿي رھيا آھن.جنھن جو منفي اثر سموري سماج تي پئجي رھيو آھي.

سنڌ ۾ جنھن نموني سان ڪمزور ۽ غريب انسانن سان زيادتيون،ظلم ۽ انھن سان ريپ جا ڪيس ٿي رھيا آھن، ان مان اھو ظاھر ٿي رھيو آھي تھ معاشرو ھو وڏي وحشيپڻي جي ڄار ۾ ڦاٿل آھي.جنھن ڪري عام ماڻھو سميت ٻار ۽ نياڻيون خوف ۾ مبتلا  آھن، اھڙي ڪنھن واقعي جي شڪار ٿيل ٻار يا ٻارڙيءَ جي ذھني صحت جي بحالي لاءِ حڪومتي سطح تي ڪو بھ اھڙو ادارو ناھي،جتي اھڙي ٻار کي وري ھڪ سالم زندگيءَ طرف موٽائي سگھجي.جيڪو ادارو اھڙي ٻار جي اندر مان اھو خوف ختم ڪري ۽ ان کي وري نئين سر زندگيءِ جيئڻ جو ڪو اتساھ ڏياري سگھي.

وقت جي حڪومت جيڪڏھن قانون لاڳو ڪرڻ ۽ امن مان قائم ڪرڻ جي لاءِ عملي قدم کڻي ڪري عوام جي اھنجن تي پھا رکي تھ ان سان پڻ سماج ۾ پکڙيل بي چيني تي ڪافي فرق پئجي سگھي ٿو.قانون تي عمل ڪرائڻ جي لاءِ قدم کڻجن تھ پڻ ان جا ھن ڏتڙيل ماڻھن جي حياتي تي ھاڪاري اثر پئجي سگھي ٿو.

حڪومت کي فوري طور تي نازيا چنا ڪيس ۾ ملوث ڏوھارين کي سوگھو ڪرڻ گھرجي ڇاڪاڻ جو انھن جو ڏوھه ڪنھن بھ ريت معافي جوڳو ناھي. ان ڏس ۾ جيڪي پوليس عملدار ڏوھارين جي مدد ڪري انھن جا سھولتڪار بڻجي رھيا آھن، انھن خلا ف پڻ ڪارروائي ڪري سماج ۾ عام ماڻھو کي اھا آٿت ڏياري وڃي جئين عوام جو قانون تي ويساھ مضبوط ٿئي.

اسان چيف جسٽس پاڪستان کي اپيل ڪريون ٿا تھ سنگين ڏوھن جا ڪيس تڪڙن بنيادن تي ھلايا وڃن،جئين انھن جو فيصلو جلدي ٿيڻ سان ماڻھن ۾ انصاف ۽ قانون ڏانھن مثبت رويو جڙي سگھي، قانون ۾ اھو بھ آھي تھ “انصاف ۾ دير جو مطلب  ناانصافي آھي“.

سنڌ جي نگران وڏي وزير کي بھ گھرجي تھ جيئن هو ٻين علائقن جا دورا ڪري ٿو ائين ريپ جي شڪار نياڻين ۽ ٻارڙن کي آٿت ڏيڻ جي لاءِ پڻ زحمت ڪري انھن وٽ وڃي ۽ حقيقت کي سمجھي ڪري قدم بھ کڻي، ان سان سماج ۾ ناڪاري روين کي شڪست ملندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.