حيدرآباد(رپورٽ;حسيب لطيفي) سياستدانن شهيد جان محمد مهر جي قتل ۾ وڏيرن، سردارن سميت اشرافيا کي ملوث قرار ڏيندي چيو آهي ته سرڪاري نظام سردارن اڳيان مفلوج بڻيل آهي. حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس، شهيد صحافي جان محمد مهر جي ياد ۾ حيدرآباد پريس ڪلب ۾ تعزيتي/ احتجاجي ميڙاڪو ڪوٺايو. ان سلسلي ۾ حيدرآباد پريس ڪلب ۾ منعقد ٿيل تعزيتي ميڙاڪي کي پ پ سنڌ جي صدر سينيٽر نثار احمد کهڙي خطاب ڪندي چيو ته ڪنهن به انسان کي قتل ڪرڻ ڏوهه آهي. هن چيو ته جان محمد مهر جو قتل افسوسناڪ آهي، جنهن جي پهريان به مذمت ڪئي آهي ۽ هاڻ به مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته ٻوري بند لاش ڏيڻ وارو به ڏوهاري آ ته جان محمد مهر جو قاتل به ڏوهاري آهي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ وڃڻ جي ڳالهه ٿي رهي آهي سپريم ڪورٽ پاڻ چوي ٿي ته اسان وٽ 58 هزار ڪيسن جي ٻڌڻي نه ٿي سگهي آهي ته پوءِ شهيد جان محمد مهر جو قتل ڪيس ڪڏهن ٻڌو ويندو. هن چيو ته سنڌ حڪومت پنهنجي آخري ڏهاڙين ۾ ٻه جي آءِ ٽيز جوڙيون ان کان پوءِ سنڌ حڪومت جو مدو ختم ٿي ويو. هن چيو ته وارثن سان ملاقات انهن به اهو ٻڌايو ته اسان کي خبر آهي ته قاتل ڪٿي ويٺل آهي جڏهن مقتول جي وارثن کي قاتلن جي خبر آهي ته پوءِ ادارن کي ڪئين خبر نه هوندي. هن چيو ته اسان صحافين جي مطالبي سان گڏ آهيون. سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته جان محمد مهر قلم سان سنڌ جي سماج کي شعور ڏنو، اهڙا سچا صحافي حڪومتي ڌرين کي پسند ناهن هوندا. هن چيو ته ايڇ يو جي ۽ پي ايف يو جي مستقل مزاجي ۽ سچائي سان جان محمد مهر جي قتل ڪيس جي وارثي ڪئي آهي ايس ٽي پي ساڻن گڏ آهي، هي جاگيردار سرادرن جو معاشرو آهي ٻئي پاسي هاري مزدور آهن جان محمد مهر هاري مزدورن جو آواز هو. هن چيو سرڪاري نظام سردارن جاگيردارن اڳيان مفلوج بڻيل آهي. قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر اياز لطيف پليجو چيو ته صحافي جان محمد مهر جبر ۽ ناانصافين خلاف وڏو آواز هو، هن چيو ته سڄي دنيا ۾ هر سال 60 کان 70 صحافي قتل ٿين ٿا انٽرنيشل رپورٽ موجب انهن 87 % سيڪڙو صحافين جا قاتل گرفتار نٿا ٿين ڪيس رولڙي جو شڪار ٿي وڃن ٿا، صحافي جان محمد مهر جي قتل کان پوءِ جهڙي طرح سول سوسائٽي سياسي ورڪرن صحافي ان قتل خلاف متحد ٿي مزاحمت ڪئي آهي، حڪومت سردار پيرن وڏيرن کي ٽڪيٽ ڏئي انهن کي اسان مٿان مسلط ڪري ٿي. ايس پي کان وٺي ڊي سي تائين سردارن جي چوڻ تي لڳن ٿا پوءِ اسان انهن مان ڪهڙي اميد رکون ته هو اسان جي صحافين استادن پروفيسرن سياسي ورڪرن سان انصاف ٿيندو. قوم پرست اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته جان محمد مهر صحافت جو وڏو نالو هو جنهن جو قتل قلم جو قتل آهي هڪ ڏينهن انڊس هاءِ وي کي بند ڪيو ته انهي ڏينهن قاتل گرفتار ٿي ويندا. قانوندان ماما يوسف لغاري چيو ته اظھار راء جي آزادي، بنيادي حق آھي، اھو ڪنھن کان بہ کسي نٿو سگھجي. ھن چيو ته ھن ملڪ ۾ کلڻ جي آزادي به ناھي تہ اتي ڳالھائن جي اجازت ڪھڙي ھوندي، ھن چيو ته ھن ملڪ جو جمھوري، سياسي، عدليا جو نظام ناڪام ٿي چڪو آھي، وڪيلن ۽ صحافين کي غير جمھوري قوتن سان مھاڏو اٽڪائڻو پوندو. اشرافيہ 70 سالن کان اقتدار ۾ آھي عوام به بيحس ٿي ويو آھي، جيڪو ظلم خلاف ٻاھر نڪرڻ لاء تيار ناھي، ان ڪري اسان سڀني کي ٻاھر نڪرندو پوندو. پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي مرڪزي فنانس سيڪريٽري لالا اسد پٺاڻ چيو ته پاڪستان ۾ شھيد جان محمد مھر سميت 148 صحافي قتل ٿيا آھن پر ھڪ ڪيس ۾ به انصاف نه ملي سگھيو آھي. پي ايف يو جي جي مرڪزي اڳواڻ خالد کوکر چيو ته پهرين ڏينهن کان پوليس قاتلن جا نالا پاڻ ٻڌايا پر اڃان تائين اسان جي ملڪ جا سڪيورٽي ادارا انهن قاتل تائين ڇو نه پهچي سگهيا آهن. حيدرآباد پريس ڪلب جي صدر لالا رحمان سمون چيو ته قاتل اڻ ڄاتل ناهن نه ئي ملڪ ڇڏي هليا ويا آهن مک قاتل قتل ڪري وڊيو به جاري ڪن ٿا. هن چيو ته سنڌ حڪومت قاتلن کي گرفتار ڪرڻ م ناڪام نه پر سنڌ حڪومت قاتلن کي بچائڻ ۾ ڪامياب وئي آهي جان محمد مهر جو قتل عام راواجي قتل ناهي ان قتل ۾ ملوث بااثر ماڻهو آهن قاتل ٽرينڊ ۽ تربيتي يافته آهي جنهن وڏي منصوبابندي رٿابندي تحت قتل ڪيو اهڙي طرح قتل ڪندڙ ڪچي جو ماڻهو نٿو ٿي سگهي. جان مهر کي ڪنهن زمين جي ٽڪري تان قتل نه ڪيو ويو آهي پر اھو حق ۽ سچ جو قتل ڪيو ويو آهي. ايڇ يو جي صدر اقبال ملاح چيو تي شهيد جان محمد مهر جي قاتلن کي 44 ڏينهن گذري چڪا آهن پر ان قاتل ۽ سهولتڪار آزاد آهن سنڌ کي سردارن حوالي ڪري قتل ڪيو پيو وڃي صحافتي ميدان ۾ اسان کي چپ ڪرائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي پئي وڃي جڏهن صحافت آزاد هوندي ته سماج تبديل ٿيندو ۽ هن ملڪ جي جمهوريت مضبوط هوندي. عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار چيو ته شهيد جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ اسان هر قدم تي صحافي برادري سان گڏ آهيون. عوامي ورڪرز پارٽي جي مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ڪامريڊ بخشل ٿلھو چيو ته ھي ڪوڙو جاگيرداري نظام آھي جنهن کي ڳجھي اسٽبلشمينٽ پالي ٿي، جاگيرداري جي خاتمي تائين ائين قتل ٿيندا رهندا. سنڌي هاري ڪميٽي جي صدر ڪامريڊ ثمر جتوئي چيو ته سنڌ جي وڏيرن سردار سنڌ اندر قتل عام ڪرائي پنهنجي سرداري قائم ڪري ورتي آهي. جماعت اسلامي سنڌ جي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري حافظ طاهر مجيد چيو ته پوليس کي جنهن کي گرفتار ڪرڻو هوندو آهي ته هڪ ڏينهن اندر ڪري سگهي ٿي پر شهيد جان محمد مهر جا قاتل اڃان تائين آزاد آهن. ايم ڪيو ايم پاڪستان اڳوڻي ايم اين اي صابر قائمخاني چيو ته ڪافي عرصي کان هٿ وٺي سنڌ جا حالات خراب ڪيا پيا وڃن صحافي جان محمد مهر جي قتل ۾ ملوث جوابدر ايترا طاقتور آهن جو اڃان تائين گرفتار ناهن ٿيا. اصغر کاڻوٺي چيو ته صحافي جان محمد مهر جو پورهيو تمام وڏو آهي.رواداري تحريڪ سنڌ جي صدر پنهل ساريو چيو ته صحافي جان محمد چيو جان محمد مهر جي قتل ملوث اصل جوابدارن کي پڌرو ڪيو وڃي.جي يو آئي (ف) سنڌ جي اڳواڻ مولانا تاج محمد ناهيو چيو ته جان محمد مهر جو شهيد خالد محمود سومرو سان ويجهو تعلق هو شهيد جان محمد مهر جا قاتل سردار وڏيرا آهن . سکر يونين آف جرنلسٽس جي اڳواڻ امداد بوزدار چيو ته اڃان تائين ايف آءِ آر ۾ شامل جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا آهن جيڪي جوابدر گرفتار ٿيا آهن ان حوالي سان پوليس ڪي به تفصيل نٿي ڏئي. شهيد جان جا اصل قاتل اڃان تائين آزاد آهن انتظاميھ سمجهي ٿي ته صحافي ڪجهه ڏينهن کان پوءِ چپ ٿي ويندا پر ائين نه ٿيندو صحافي سندس قاتلن جي گرفتاري تائين پنهنجو احتجاج جاري رکندي. ناليواري قانوندان افضل گجر چيو ته ملڪ جي صحافت آزاد هوندي ته ملڪ ترقي ڪندو سنڌ جي ماڻهن جو ڪرادر سڀني جي سامهون آهي سنڌ جي ماڻهن ڪالاباغ ڊيم خلاف جدوجهد ڪئي ۽ ڪامياب ٿيا ان تحريڪ صحافي جان محمد جهڙا بهادر صحافي به موجود هئا. ايڇ آر سي پي جي ريجنل ڪوآڊينيٽر غفرانه آرائين چيو ته ايڇ آر سي آزاد صحافت تي يقين رکي ٿي صحافي جان محمد جو قتل صحافت جو قتل آهي ايڇ آر سي پي ايڇ يو جي ۽ پي ايف يو جي سان گڏ بيٺل آهي. سماجي اڳواڻ سليمان ابڙو چيو ته ته هن معاشري ۾ انتشار هٿي ڏيندڙن کي قانون جي گرفت ۾ آڻي انهن کي سزا ڏني وڃي جان محمد مهر جو قتل شعور جو قتل آهي هن چيو ته هڪ طرف صحافين کي پروفيسرن استادن کي قتل ڪيو پيو وڃي جنهن کي روڪڻ لاءِ اسان سڀني کي اڳتي اچڻو پوندو. حيدرآباد پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري حميد الرحمان، سينيئر صحافي جنيد خانزاده چيو ته صحافي جان محمد مهر سکر ۾ رهي نه صرف سکر جي دردن کي ونڊيو پر سڄي سنڌ جو آواز هو هن چيو جان محمد جو قتل خانداني نه پر سياسي آهي اسان نئي آيل چيف جسٽس کان مطالبو ڪيون ٿا ته هو پاڻ مرادو صحافي جان محمد مهر جي قتل جو نوٽس وٺي کيس گرفتار ڪيو وڃي. انساني حقن جي اڳواڻ امداد چانڊيو، مسلم ليگ فنڪسنل جي مرڪزي اڳواڻ ڪاشف نظاماڻي، ايڇ يو جي جنرل سيڪريٽري جئي پرڪاش موراڻي ۽ ٻين خطاب ڪيو.