غيرقانوني پرڏيهين خلاف ڪارروايون ڪيون وڃن: گهرو وزير

ڪراچي (رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) نگران  صوبائي گهرو وزير برگيڊيئر (ر) حارث نواز قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هدايتون جاري ڪيون آهن  ته اهي اسٽريٽ ڪرمنلز، منشيات فروشن، قبضا مافيا سميت قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف انٽيليجنس بنيادن تي ڪارروايون ڪن ۽ ان کي تيز ڪرڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي جوڙي وڃي، شهر مان غير قانوني پرڏيهين خلاف آپريشن کي يقيني بڻايو وڃي، ڪراچي پوليس آفيس ۾ سنڌ جي نگران گهرو وزير برگيڊيئر رٽائرڊ حارث نواز جي صدارت هيٺ اجلاس ٿي گذريو، اجلاس ۾ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي، زونل ڊي آءِ جيز، ڊي آءِ جي سي آءِ اي، ايس ايس پي اي سي سي، ايس ايس پي اي وي ايل سي ۽ ڪراچي جي ضلعي ايس ايس پيز شرڪت ڪئي، نگران گهرو وزير منظم ڏوهن، منشيات فروشن ۽ غيرقانوني پرڏيهين خاص ڪري شهر ۾ غير قانوني طور رهندڙ افغان شهرين ۽ شڪي/ ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث ماڻهن خلاف جاري آپريشن جو جائزو ورتو، حارث نواز چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن منظم ڏوهن ۽ منشيات خلاف بهترين ڪم ڪيو آهي. سماج دشمن ۽ ڏوهاري عنصرن جي خلاف قدمن کي تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو وڃي ، سيف سٽي پروجيڪٽ تي اڳڀرائي جو جائزو وٺندي گهرو وزير چيو ته ڪراچي سيف سٽي پروجيڪٽ شهر لاءِ اهم منصوبو آهي ۽ صوبائي نگران حڪومت ان تي عمل ڪرائڻ لاءِ پرعزم آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.