سکر (رپورٽر) 2 ڏينهن اڳ سکر جي بس ٽرمينل ويجهو ايل پي جي دڪان ۾ سلينڊر ڦاٽڻ سبب 4 ڄڻا فوت ۽ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا. باهه لڳڻ سبب زخمين کي سکر ۽ ٻين شهرن جي اسپتالن ۾ داخل ڪرايو ويو هو، انهن زخمين مان سومر ڏينهن 2 ڄڻا علاج دوران فوت ٿي ويا، جن ۾ امجد چنا ۽ لياقت جمالي شامل آهن. اهڙي طرح واقعي ۾ فوتين جو انگ وڌي 6 ٿي ويو آهي.