ڪراچي (پ ر) جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو، سينيئر وائيس چيئرمين عزيزالله ڀٽو، وائيس چيئرمين نواز شاھ ڀاڏائي، جنرل سيڪريٽري، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري پنهل جمالي، ڊپٽي سيڪريٽري ذوالفقار بليدي، پريس سيڪريڪريٽري اياز سولنگي، ماليات سيڪريٽري جاويد عمراڻي رابطا سيڪريٽري ڪمال مهر جاري ڪيل گڏيل بيان ۾ چيو آھي ته ڪراچي ۾ دهشتگرد ۽ ٽارگيٽ ڪلر، روز ڦرون ڪري ماڻھن جون زندگيون جهنم بڻائيندڙ آزاد آھن پر سنڌ ۾ پُرامن سياسي ڪارڪنن، سنڌ جي ماڻھن جي خوشحالي، غير ملڪين جي نيڪالي لاءِ ۽ ماحولياتي بربادي خلاف آواز اٿاريندڙن جي ٻچن کي ڪراچي پوليس گم ڪري رهي آهي، اين ڊي پي سربراهه ممتاز بروهي جي پُٽن ايڊووڪيٽ امتياز بروهي ۽ آفتاب بروهي کي سرعام ايس آءِ او طارق خالد کڻي اغوا ڪري ويو آهي، جيڪڏهن انهن تي ڪو ڏوھ آھي ته انهن کي عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي، اهي پُرام شھري آھن، ايڊووڪيٽ امتياز بروهي ڪراچي ۾ منشيات فروشي، لينڊگريبنگ ڪندڙن خلاف سدائين آواز اُٿاريو آھي، گرفتار ڪيل ٻنهي ڀائرن کي آزاد ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ ۾ اسان پُرامن احتجاج ڪنداسين.