ڪراچي مان قومپرست اڳواڻ جا 2 پٽ کنڀي گم

سرجاڻي ٽائون (رپورٽر) ڪراچي ۾ سرجاڻي پوليس قومپرست اڳواڻ ممتاز بروهي جي پٽن ايڊووڪيٽ امتياز بروهي ۽ آفتاب بروهي کي گرفتار  ڪرڻ بعد کنڀي گم ڪري ڇڏيو، قومپرست اڳواڻ ۽ نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي سربراهه ممتاز بروهي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته طارق خالد منهنجي پٽن کي صرف انتقامي ڪارروائي لاءِ کنڀي گم ڪيو آهي ۽ هو مسلسل ڪوڙن ڪيسن ڦاسائڻ ۽ فل فراءِ ڪرڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏيندو هو جيڪڏهن ڪجهه به ٿيو ته ان جو ذميوار ايس ايڇ او هوندو آئون چيف جسٽس سپريم ڪورٽ، چيف جسٽس سنڌ ھائي ڪورٽ کي اپيل ٿو ڪريان ته منهنجي خاندان ۽ منهنجي پٽن جي بيگناھ گرفتاري جو نوٽيس وٺن اختيارن جي ناجائز استعمال ڪرڻ جو نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.