چين ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ باهه لڳڻ سبب 16 ڄڻا اجل جو شڪار

بيجنگ(م ڊ ) چين جي ڏکڻ پاسي صوبي  گوئي زو ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ باهه لڳڻ سان 16 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا آهن،سعودي خابرو اداري موجب پان زوسٽي  حڪومت پنهنجي ويب سائٽ تي جاري بيان ۾ چيو ته گذريل ڏينهن گادي واري شهر بيجنگ جي ڏکڻ اولهه پاسي 3 کان 60 ڪلو ميٽر جي فاصلي تي موجود شنجيا شونامي کاڻ ۾ صبح 8 لڳي 10 منٽن تي باهه لڳي جنهن جي ڪري 16 فوت ٿي ويا

اسڪولن ۾ نصابي ڪتاب فراهم ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي(رپورٽر) نگران وڏي وزير اسڪول ايجوڪيشن کاتي جي سيڪريٽري کي هفتي اندر سمورن اسڪولن ۾ نصابي ڪتاب فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، نگران وڏي وزير سمورن تعليمي ادارن کي گرانٽ پڻ جاري ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته تعليمي ادارن کي پنهنجو ڪاروهنوار هلائڻ لاءِ فوري فنڊنگ ڪئي وڃي، جسٽس مقبول باقر چيو ته اسڪول ايجوڪيشن کاتي جو سيڪريٽري اسڪولن ۾ نصاب جي فراهمي کي يقيني بڻائي هفتي بعد پاڻ اسڪولن ۾ وڃي چيڪ ڪندس ته ڪتاب ڏنا ويا آهن يا نه ڏنا ويا آهن.

اولهندي ڪناري ۾ اسرائيلي فوج جي فائرنگ، 28 فلسطيني زخمي

والاريل بيت المقدس(م ڊ) اسرائيل جي فوج جي مسجد اقصيٰ ۽ اولهندي ڪناري ۾ جارحيت خلاف احتجاج ڪندڙ فلسطينين تي فائرنگ سبب 28 فلسطيني زخمي ٿي پيا آهن.  فلسطين جي خابرو اداري فلسطين جي صحت واري وزارت جي حوالي سان ٻڌايو ته اولهندي غزه پٽي ۾ نوجوانن اسرائيل جي جارحيت خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان دوران اسرائيل جي فوج مظاهرو ڪندڙن تي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 28 فلسطيني زخمي ٿي پيا

ڪئناڊا سک اڳواڻ جي قتل جي شفاف جاچ يقيني بڻائي: آمريڪا

ٽورنٽو(م ڊ)سک اڳواڻ جي قتل الزام ۾ ڪئناڊا مان بي دخل ڪيل ڀارتي ايجنٽ پون ڪمار راءِ جي سڃاڻپ ظاهر ٿيڻ کانپوءِ هن جي ويجهي ساٿي سمنت ڪمار گوئل کي زيڊ ڪيٽيگري جي سيڪيورٽي فراهم ڪئي وئي آهي، پون ڪمار ”را“ جي اسٽيشن چيف طور عهدي تي مقرر هو، هوڏانهن آمريڪا چيو آهي ته ڪئناڊا عالمي دٻاءُ کان مٿانهون ٿي نجر قتل ڪيس تي شفاف جاچ يقيني بڻائي، هوڏانهن  ڪئناڊا جي دفاع واري وزير بل بليئر چيو آهي، ته جيڪڏهن سک اڳواڻ جي قتل جي حوالي سان ڀارت تي الزام درست ٿيا ته اهو اسان لاءِ ڳڻتي جو سبب هوندو، ڇاڪاڻ ته ڪيناڊا جي سر زمين تي هڪ ڪينيڊا واسي شهري جي قتل سان اسان جي خودمختياري جي ڀڃڪڙي ٿي آهي.

بحيثيت قوم دنيا ۾ اسان جي ڪا عزت نه آهي: گورنر سنڌ

ڪراچي(رپورٽر)  گورنر سنڌ ڪامران خان ٽيسوري ماحولياتي تبديلي جي موضوع تي گورنر هائوس ۾ منعقد ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته جيستائين اسين پاڻ نه چاهينداسين ڪجهه تبديل نه ٿيندو، گذريل   حڪمرانن بلين ٽري لڳائڻ جي دعويَ ڪئي هئي ،ڪٿي آهن اهي بلين ٽري؟ گورنر سنڌ چيو ته اسين سڀ ڪجهه فقط پنهنجي ذات لاءِ ڪري رهيا آهيون ،بحيثيت قوم دنيا ۾ اسان جي ڪا عزت نه آهي، گذريل 75 سالن کان اسين پنهنجو پاڻ کي دوکو ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته ڪنهن به ظلم تي سڄي دنيا اٿي بيهي ٿي ، هندوستاني ڄائي هجڻ باوجود ڪينيڊا پنهنجي شهري جي قتل تي هندستان خلاف بيهي رهيو آهي ،گذريل ڏينهن ڏينهن ڏٺي جو ننڍڙي ٻارڙي کي سندس پيءُ سوڌو قتل ڪيو ويو  ڪنهن کي ڪو فرق نه پيو ،اسين بي حس قوم ٿيندا پيا وڃون، اسين هڪ ٻئي کي چينج ڪرڻ ۾ لڳل آهيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.