نوازشريف جنرلن جي احتساب جو نعرو وساري ڇڏي: مشاهد حسين

اسلام آباد(م ڊ)پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سينيٽر مشاهد حسين پارٽي سربراهه نواز شريف کي صلاح ڏني آهي ته هو اڳوڻن فوجي جنرلن جي احتساب جي حوالي سان سخاوت جو مظاهرو ڪري ۽ ’مستقبل جي روش‘ تي  عمل ڪري، معافي، وسارڻ ۽ اڳتي وڌڻ تي عمل ڪيو وڃي.اڳوڻي فوجي جنرلن ۽ رٽائرڊ ججن بابت نواز شريف جي موقف ۾ اوچتو تبديلي پارٽي ۾ بيچيني جو سبب بڻجي رهي آهي، جتي ڪيترن ئي اڳواڻن کي خدشو آهي ته اهڙين جرئتمندانه ڳالهين سان اسٽيبلشمينٽ طرفان رد عمل شروع ٿي سگهي ٿو، هڪ نجي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي سينيٽر مشاهد حسين چيو ته معاف ڪيو، وساريو ۽ اڳتي وڌو، مستقبل جو ويزن هجڻ گهرجي، ماضي تي نظر وجهو ته ها احتساب ٿيڻ گهرجي، نواز شريف جي ڪاوڙ جائز آهي.هن مسلم ليگ ن جي سربراهه کي صلاح ڏني ته هو آزمايل ۽ ناڪام فارمولا نه اختيار ڪري،سينيٽر مشاهد حسين اڳوڻي فوجي آمر پرويز مشرف خلاف مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جي احتساب واري عمل جي نتيجن تي به سوال اٿاريا،هن چيو ته هن(مشرف)کي فوجي اسٽيبلشمينٽ تحفظ ڏنو، اسان جي پنهنجي حڪومت دوران سيڪيورٽي ڏني ۽ محفوظ رستو ڏنو ۽ توهان بيوس هئا،هن چيو ته پاڪستان ۾ فوجي اسٽيبلشمينٽ پنهنجي سربراهن  جي حفاظت ڪندي، چاهي ڪيترو به تڪراري هجي، کيس مڪمل فوجي اعزاز ڏنو ويندو، ان ڪري هو اجازت نه ڏيندا، هينئر تائين اها ڳالهه ناهي، مان سڀاڻي جي باري ۾ چئي نٿو سگهان ته  اهي هڪ ٻاهرئين (عام شهري) کي پنهنجن سپاهين کي ٽرائل ڪرڻ جي اجازت ڏيندا،هن چيو ته جيڪڏهن معاملا ائين ئي هلندا رهيا ته پوءِ ”فوجي بغاوت“ ٿيندي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.