ڪراچي (م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ بئريسٽر ڊاڪٽر محمد علي سيف جو چوڻ آهي ته نواز شريف عوام احسان ڪري ۽ لنڊن ۾ ئي رهي، هن جي واپسي سزا يافته ڏوهاري طور ٿيندي، بئريسٽر سيف پنهنجي پيغام ۾ چيو ته نواز شريف لنڊن ۾ ويهي نهاريون کائي، پاڪستان ۾ هاڻ ان جي ڦرلٽ جي لاءِ ڪجهه ناهي بچو، هن چيو ته ننڍو ڀاءُ 17 مهينن جي ڏهاڙي لڳائي واپس وڃي چڪو آهي، نواز شريف واپسي بدران ڦريل دولت عوام کي ڏي.