اسلام آباد(م ڊ) خورشيد شاهه چيو آهي ته اميد آهي ته تحريڪ انصاف کي ليول پليئنگ فيلڊ ملندي، ان تي پابندي نه لڳڻ گهرجي، هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته ڊسمبر، رمضان ۽ سخت گرمين ۾ به چونڊون ٿيون آهن، اليڪشن ڪميشن کي اليڪشن جي تاريخ ڏيڻ گهرجي ها، ڪنهن کي به حق آهي ته سياسي اتحاد ڪري، سڀني کي ليول پليئنگ فيلڊ ملڻ گهرجي، نگران حڪومت ايندي ئي سنڌ ۾ ترقياتي فنڊ بند ڪري ڇڏيا آهن، پنجاب ۽ ڪي پي ۾ ترقياتي ڪم هلي رهيا آهن