صنم جاويد ۽ ٻيون 5 عورت ڪارڪن ٻيهر گرفتار

لاهور(م ڊ) جناح هائوس حملي ڪيس ۾ آزاد ٿيل پي ٽي آءِ ڪارڪن صنم جاويد ۽ ٻين عورتن کي ٻيهر گرفتار ڪيو ويو.انساني  حقن جي ڪارڪن بئريسٽر خديجه صديقي جو چوڻ هو ته صنم جاويد سميت 5 عورتون ۽ 6 مرد ڪارڪنن، جن کي 9 مئي جي ڪيس ۾ 23 سيپٽمبر تي اي ٽي سي لاهور مان ضمانت ڏني هئي، انهن کي مبينا طور تي ڪوٽ لکپت جيل مان ٻيهر گرفتار ڪيو ويو آهي.

پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف ڊي لسٽ ڪيسن تي ٻڌڻي 11 آڪٽوبر تي مقرر

اسلام آباد(م ڊ) اليڪشن ڪميشن پاڪستان تحريڪ انصاف  چيئرمين ۽ ٻين خلاف  26 سيپٽمبر تي ڊي لسٽ ڪيل ڪيسن  تي ٻڌڻي 11 آڪٽوبر جي تاريخ مقرر ڪئي آهي. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڊي لسٽنگ نوٽيس مطابق پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان، اڳوڻي پارٽي اڳواڻ فواد احمد چوڌري ۽ اسد عمر خلاف توهين اليڪشن ڪميشن ۽ اليڪشن ڪمشنر ۽ غير پارلياماني ٻولي جو استعمال خلاف ڪيس تي ٻڌڻي حان 11 آڪٽوبر تي ٿيندي.

سمورا ليگي اڳواڻن کي وطن واپسيءَ جي هدايت ڪئي وئي آهي: راڻا ثناءُ الله

لاهور (اي پي پي)پاڪستان مسلم ليگ (ن) سمورن پارٽي اڳواڻن کي 21 آڪٽوبر کان پهريان  پرڏيهه سفر ڪرڻ ۽ سمورن سينيٽرز، اڳوڻن قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن ۽ ٽڪيٽ هولڊرن کي جيڪي پرڏيهه ۾ آهن انهن کي 3 ڏينهن اندر وطن واپسيءَ جي هدايت ڪري ڇڏي. مسلم ليگ (ن) پنجاب جي صدر راڻا ثناءُ الله جي بيان موجب سمورا اڳواڻ پنهنجي مڪمل توجهه نواز شريف جي پاڪستان ۾ استقبال جي تيارين ۾ ڏين.

لطيف کوسي ٻي پارٽي جي سربراهه جي حمايت ڪئي: نيئر بخاري

لاهور(م ڊ)پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل نيئر حسين بخاري چيو  آهي ته پ پ چونڊن ۾ لاهور سميت سڄي پنجاب مان ڀرپور ڪاميابي ماڻيندي، پ پ لاهور ۽ پنجاب جي تنظيمن کي مضبوط ڪري رهيا آهيون. هو پ پ لاهور جي اڳوڻي صدر حاجي عزيز الرحمان چن جي گهر سندس ڀيڻ جي لاڏاڻي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ا هڪ سوال تي هن چيو ته سردار لطيف کوسا کي شوڪاز ان لاءِ ڏنو هو ته هن پارٽي قيادت جي اجازت کانسواءِ ٻي پارٽيءَ جي سربراهه جو ڪيس وڙهڻ جي حامي ڀري. هن شوڪاز جو جواب نه ڏنو، ان جي سي اي سي ميمبر شپ معطل ڪئي. اعتزاز احسن طرفان پارٽي جي ڪنهن به قانون جي ڀڃڪڙي نه ڪئي وئي ان لاءِ هو پارٽيءَ ۾ ئي آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.