عمران خان کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو موقعو ملڻ گهرجي: علي محمد خان

اسلام آباد(م ڊ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ علي محمد خان چيو آهي ته نگران وزيراعظم جي بيان سان خدشا پيدا ٿيا آهن، سڀني  کي فيلڊ ۾ هجڻ گهرجي، عمران خان کي اليڪشن ۾ موقعو ڏيڻ گهرجي، کيس ليول پليئنگ فيلڊ ملڻ گهرجي هو ڪنهن فيور جي انتظار ۾ ناهي، 70 سيڪڙو نوجوان عمران خان سان گڏ بيٺل آهن، ڏيڍ ٻه ڪروڙ ووٽ عمران خان کي پيا آهن، هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته اسان کي ماضي جي غلطين مان سکي اڳتي وڃڻ گهرجي، سوال اهو آهي ته عمران خان تي ڪيس سياسي آهن يا انتقامي آهن؟ ڇا عمران خان عوام جي حقن تي ڌاڙا هڻي ڪرپشن ڪئي آهي؟ ان مسئلي جو حل گرينڊ ڊائلاگ آهي، مان چاهيان ٿو ته غلط فهميون ختم ٿيڻ گهرجن، عمران خان سان توهان کي ڳالهيون ڪرڻيون پونديون، هن چيو ته اڄ پاڪستان جنهن حالت ۾ آهي ان جو سڄو ڏوهه عمران خان تي نه وڌو وڃي، عمار فاروق ۽ عمران رياض سان ڇا ٿيو، ڇا رياست اهو سڀ ڪجهه افورڊ ڪري سگهي ٿي، هن چيو ته سياسي احتساب نه ٿيڻ گهرجي باقي سڀني جو احتساب ٿيڻ گهرجي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.