اسلام آباد(م ڊ) نگران گهرو وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته نوازشريف کي عدالت مان ضمانت نه ملي ته گرفتار ڪنداسين، چيئرمين پي ٽي آءِ بابت فيصلو عدالتن کي ڪرڻو آهي اسان کي نه، هن چيو ته نگران وزيراعظم جي بيان کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو،اليڪشن جي ڪري ڪنهن کي ڇڏڻ مناسب ناهي، عمران خان عدالتن جي ڊارلنگ آهي، سڀني کي خبر آهي ته هو جيل کان ڊڄندو آهي،نوازشريف ملزم آهي،گرفتاري لاءِ وڏي فورس جي ضرورت ناهي، نوازشريف پاڻ به گرفتار ۽ ڪيسن کي منهن ڏيڻ چاهيندو، ماضي ۾ رياست هميشه ماءُ جو ڪردار ادا ڪيو هاڻي پيءُ جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي.