نئين سياسي جماعت ٺهندي، عمران وانگر پي ڊي ايم سرڪار به ڪم نه ڪيو: شاهد خاقان

اسلام آباد(م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ ن ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ماڻهن کي ملڪي حالتن جي سنگيني جو علم ئي ناهي، منهنجي پارٽي سان ڪا به ناراضگي ناهي، پارٽي ۾ ٻن بيانئن جي گنجائش ناهي، شهبازشريف جي ميڊيا کان دوري سان ابهام وڌيو، اسان کي ماضي مان سبق سکڻو آهي، اهي(پي ڊي ايم) فيصلا پاڻ ڪن  ها ته ايس آءِ سي ايف جي ضرورت نه پوي ها،16 مهينن ۾ گهڻو ڪجهه ٿي پئي سگهيو،سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿي پئي سگهيو، جنرل(ر) باجوا توهان جي حڪومت ۾ رڪاوٽ هو ته اقتدار ڇڏي ڏيو ها، شهبازشريف جي حڪومت ۾ فيصلو ڪرڻ جي صلاحيت ۽ اسپيڊ نه هئي، چيئرمين پي ٽي آءِ هڪ پئسي جو ڪم نه ڪرايو، اسان به نه ڪيو، اسان ڪم ڪريون ها يا حڪومت ڇڏي ڏيون ها، عوام جا مسئلا حل ڪرڻ جي ضرورت آهي، ملڪ ۾ نئين سياسي جماعت جي گنجائش آهي، هن چيو ته عمران خان جي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ تي پابندي جي ڳالهين سان ماڻهو سوال ته اٿاريندا، نگران وزيراعظم کي ائين نه چوڻ گهرجي ها، ملڪ ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو اهو عوام آڏو وائکو ٿيڻ گهرجي، اڳتي جو رستو طئي ڪرڻ کان بغير اليڪشن بي معني آهن ،عوام جي مسئلن جي حل جي ايجنڊا تيار ڪرڻ گهرجي، سياسي پارٽين عوام کان لاتعلق بڻجي نئين سياسي جماعت جي راهه هموار ڪري ڇڏي آهي، سڌارن کان بغير ملڪ اڳتي نٿو وڌي سگهي، جيڪي سڌارا آڻيندا عوام انهن ڏانهن ويندو، هن چيو ته جنوري ۾ ٿڌ سبب اليڪشن نٿي ٿي سگهي، مارچ يا فيبروري ۾ چونڊون ٿي سگهن ٿيون، چونڊن کان پهرين نئين سياسي جماعت وجود ۾ اچي سگهي ٿي، مسلم ليگ ن جي سياست مان مطمئن ناهيان، مان پارٽي جي ڪنهن به مشاورت ۾ شامل ناهيان، نوازشريف وزيراعظم بڻيو ته مان پاڻ کي  وزير بڻجندي نه پيو ڏسان،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.