اسلام آباد(م ڊ) هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان (ايڇ آر سي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ ٻين گرفتار اڳواڻن جي شفاف چونڊن بابت بيان تي سخت ردعمل ڏيندي ان کي غير جمهوري قرار ڏنو آهي.نگران وزيراعظم جي حوالي سان جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ ايڇ آر سي پي چيو آهي ته عدالتن کي اڃا تائين عمران خان ۽ سندس اڳواڻن جي ڏوهن جو تعين ڪرڻو آهي، انوارا الحق ڪاڪڙ جون دعوائون غير جمهوري ۽ ڪمزور تعبير آهن.بيان ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم کي ڄاڻڻ گهرجي ته اهو سندس يا سندس حڪومت جو هڪ طرفو فيصلو نه هوندو ته چونڊون شفاف ڪيئن ٿينديون. ايڇ آر سي پي جو چوڻ هو ته جهڙي طرح وڏي پئماني تي گرفتارين ۽ ٻيهر گرفتارين جي شڪل ۾ منظم انداز ۾ پي ٽي آءِ قيادت کي غيرفعال،پارٽي کان جبري طور تي الڳ ڪيو ويو آهي،سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف لاتعداد ڪيس داخل ٿيڻ ۽ انهن جي اظهار راءِ ۽ ميڙاڪن تي پابندين سان ليول پليئنگ فيلڊ نه ملي رهي آهي، بيان ۾ چيو ويو آهي ته اها ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي، ڇاڪاڻ ته 2018ع وانگر چونڊن کان اڳ جي تبديلين جو هڪ سلسلو نظر اچي رهيو آهي، ڪميشن پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ پي ٽي آءِ صدر پرويز الاهي سان ڪيل سلوڪ جي به مذمت ڪئي، جنهن کي هاءِ ڪورٽ جي حڪمن باوجود بار بار گرفتار ڪيو پيو وڃي.حڪومت کي چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان شفاف ۽ غيرجانبدار چونڊون ڪرائڻ جي ذميوار آهي.ايڇ آر سي پي جو چوڻ آهي ته نگران حڪومت کي پنهنجي مينڊيٽ کان ٻاهر غير ذميواراڻي، جانبداراڻي بيان ڏيڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، حڪومت کي گهرجي ته آزاد، شفاف، تصديق ٿيل ۽ شموليت تي ٻڌل چونڊن جو ماحول پيدا ڪري ۽ ان کي برقرار رکيو وڃي.